Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:19 - Sindhi Bible

19 ۽ اڃا پطرس انهيءَ رويا تي خيال پئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ درشن جو مطلب ڇا آهي تہ پوِتر آتما کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ رويا جو مطلب ڇا آهي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 پطرس اڃا تائين سوچي رھيو ھو تہ انھيءَ رويا جو مطلب ڇا آھي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻھو تو کي ڳولي رھيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:19
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن اهو، يعني سچ جو روح ايندو، تڏهن هو اوهان جو سونهون ٿي اوهان کي سموري سچ ۾ آڻيندو: ڇالاءِ جو هو پاڻو نہ چوندو، پر جيڪي ڳالهيون ٻُڌندو سي ئي چوندو: ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، سي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو.


۽ سڏ ڪري پڇڻ لڳا، تہ شمعون، جنهن کي پطرس ڪري چوندا آهن، سو ڪو اُتي ٽڪيل آهي؟


هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!


۽ روح مون کي چيو تہ بنا ڪنهن بہ هٻڪ جي ساڻن گڏجي وڃ ۽ اهي ڇهہ ڀائر بہ مون سان گڏجي هليا؛ ۽ اسين انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ داخل ٿياسين:


جڏهن هنن روزا رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي، تڏهن پاڪ روح چين تہ جنهن ڪم لاءِ مون برناباس ۽ شائول کي چونڊيو آهي، تنهن ڪم لاءِ کين منهنجي واسطي ڌار ڪريو.


۽ جڏهن گهڻو بحث مباحثو هلي رهيو، تڏهن پطرس اُٿي هنن کي چيو تہ اي ڀائرو، اوهان کي خبر آهي تہ ڳچ وقت کان خدا اوهان مان مون کي چونڊي ڪڍيو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻُڌي ايمان آڻين.


اُتي جڏهن شاگردن کي ڳولي لڌوسين، تڏهن ست ڏينهن اُتي ٽڪي پياسين، ۽ هنن روح جي هدايت سان پولس کي چيو تہ يروشلم ۾ نہ وڃ.


تہ روح فلپس کي چيو تہ ويجهو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.


پر اهي سڀيئي ڪم هڪڙو ساڳيو روح ٿو ڪري، جو پنهنجي مرضيءَ موجب هرهڪ کي ڌار ڌار نعمت ورهائي ٿو ڏئي.


پر روح صاف ٿو چوي تہ آخرين زمانن ۾ ڪي اهڙا ٿيندا جي گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي علم تي ڌيان ڏيڻ ڪري ايمان کان ڦري ويندا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ