Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:17 - Sindhi Bible

17 هاڻي جڏهن پطرس پنهنجي دل ۾ انهي فڪر ۾ هو تہ هي رويا جا مون ڏٺي، تنهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تہ ڏسو، اُهي ماڻهو، جن کي ڪرنيليس موڪليو هو، سي شمعون جو گهر پُڇائي، دروازي تي اچي بيٺا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪو درشن مون کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪا رويا مون کي ڏيکاري ويئي آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پطرس پاڻ تي حيران ھو تہ ”جيڪا رويا مون ڏٺي تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ايتري ۾ اھي ماڻھو جيڪي ڪرنيليس موڪليا ھئا، تن شمعون موچيءَ جو گھر ڳولي لڌو ۽ ھاڻي اچي سندس دروازي تي بيٺا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:17
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن سندن پير ڌوئي چڪو، ۽ ڪپڙا پائي وري اچي ويٺو، تڏهن چيائين تہ سمجهو ٿا تہ مون اوهان سان ڇا ڪيو آهي؟


هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!


۽ هو سڀ عجب ۾ پئجي، هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا، تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟


۽ جيئن تہ مون کي سمجهہ ۾ ڪين آيو تہ انهن ڳالهين جي دريافت ڪيئن ڪجي، سو کانئس پڇيم تہ يروشلم ۾ وڃڻ تي راضي آهين، تہ اُتي هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟


هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟


هاڻي دمشق ۾ حنانياہ نالي هڪڙو شاگرد هو، تنهن کي خداوند رويا ۾ چيو، تہ اي حنانياہ! هن چيو، تہ اي خداوند، اِجهو حاضر آهيان.


۽ هو گهڻائي ڏينهن يافا ۾ هڪڙي شمعون نالي چمار وٽ رهي پيو.


۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ