Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:14 - Sindhi Bible

14 پر پطرس چيو تہ اي خداوند، هرگز نہ؛ ڇالاءِ جو مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا ناپاڪ شيءِ نہ کاڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پر پطرس چيو تہ ”اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پر پطرس چيو تہ ”اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر پطرس چيو تہ ”اي خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط کين چيو تہ اي منهنجا سائين، ائين نہ ڪر.


سو ائين نہ ٿيندو: هاڻي اوهين جي مرد ماڻهو آهيو، سي ڀلي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇالاءِ جو اوهان جي بہ اها ئي مرضي آهي. پوءِ هنن کي فرعون جي حضور مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس منهنجو روح ناپاڪ نہ ٿيو آهي: ڇالاءِ جو ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين جيڪي پاڻهي ئي ٿو مري، يا جيڪي مرن ڦاڙي ڇڏيو آهي، تنهن مان ڪڏهن بہ نہ کاڌو اٿم؛ ۽ نڪو حرام گوشت منهنجي وات ۾ پيو آهي.


جيڪا شيءِ پاڻ ئي مري، يا ڦاڙيل هجي، خواهہ جانور، خواهہ پکي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ بہ نہ کائين.


پر داني ايل پنهنجي دل ۾ اهو ارادو ڪيو تہ پاڻ کي شاهي خوراڪ سان ۽ شراب سان پليت نہ ڪري؛ تنهنڪري هن ناظرن جي سردار کي عرض ڪيو تہ هن کي موڪل ملي تہ هو پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.


تنهنڪري اوهين پاڪ ۽ ناپاڪ جانور جي وچ ۾، ۽ پاڪ ۽ ناپاڪ پکيءَ جي وچ ۾ فرق ڪجو: ۽ جانور يا پکي، يا ٻيو ڪو زمين تي سرندڙ جيت، جنهن کي مون ناپاڪ ٺهرائي اوهان کان ڌار ڪيو آهي، تنهن جي ڪري اوهين پاڻ کي مڪروهہ نہ ڪجو.


جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري.


۽ پطرس هن کي پاسي تي وٺي ڇينڀي چوڻ لڳو تہ اي خداوند، خدا خير ڪري، تو سان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.


پر سياڻين ورندي ڏيئي چيو، تہ متان اسان ۽ اوهان لاءِ پورو نہ ٿئي، تنهن کان بهتر آهي تہ وڃي دڪاندارن کان پنهنجي لاءِ خريد ڪري اچو.


۽ ڏسو، هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو ۽ کيس سجدو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي خداوند، جي تنهنجي مرضي هجي تہ تون مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.


۽ هنن ڏٺو هو تہ سندس ڪي شاگرد پليت، يعني اڻ ڌوتلن هٿن سان ماني ٿا کائين.


پر ماڻس جواب ڏيئي چيو تہ ائين نہ پر نالو يوحنا رکوس.


تڏهن انهي زال چيس، تہ اي سائين، تو وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ اونهو آهي، پوءِ زندگيءَ جو پاڻي تو وٽ ڪٿان آيو؟


پوءِ هڪڙو آواز آيس، تہ اي پطرس اُٿ، ڪُهي کاءُ.


تڏهن اُنهن کي چيائين تہ خود اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ يهوديءَ کي ٻي قوم واري ماڻهوءَ سان سنگت رکڻ يا انهي وٽ لنگهي وڃڻ روا نہ آهي؛ تنهن هوندي بہ خدا مون کي ڏيکاريو آهي تہ آئون ڪنهن کي بہ پليت يا ناپاڪ نہ سڏيان.


تڏهن مون جواب ڏنو، تہ اي خداوند تون ڪير آهي؟ هن مون کي چيو، تہ آئون يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ