Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي هڪڙو ماڻهو هوندو هو، جو انهيءَ پلٽڻ جو صوبيدار هو، جنهن کي اطالياني پلٽڻ ڪري سڏيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي ھڪ ماڻھو ھو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن حاڪم جا سپاهي يسوع کي محلات مان وٺي ويا، ۽ سڄي پلٽڻ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.


هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.


پوءِ سپاهي هن کي ايوان منجهہ وٺي ويا، جنهن کي پرئتورين ٿا چون؛ ۽ اُتي سڄي پلٽڻ آڻي گڏ ڪيائون.


۽ هڪڙي صوبيدار جو نوڪر، جنهن سان هن جي ڏاڍي دل هئي، سو بيمار هو، ۽ مرڻ تي هو.


تنهن تي انهيءَ ٽوليءَ ۽ سندس عملدار، ۽ يهودين جي حوالدارن يسوع کي جهلي ٻَڌو.


پوءِ يهوداهہ پلٽڻ جي سپاهين جي ٽولي هٿ ڪري، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کان حوالدار وٺي، شمعدانن ۽ مشعلن ۽ هٿيارن پنوهارن سان اُتي آيو.


۽ ٻئي ڏينهن هو قيصريہ ۾ وڃي پهتا، ۽ ڪرنيليس پنهنجن عزيزن ۽ خاص دوستن کي سڏي گڏ ڪري هنن جي انتظار ۾ هو.


۽ هو کيس ماري وجهڻ جي سعيي ۾ هئا، تہ پلٽڻ جي سردار کي خبر وڃي پهتي تہ ساري يروشلم ۾ وڳوڙ پئجي ويو آهي.


ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين.


جڏهن چم جي وڍين سان ٻَڌي رهيس، تڏهن جو صوبيدار پاسي ۾ بيٺو هوس، تنهن کي پولس چيو تہ اهو ڪو باقاعدي ڪم ٿا ڪريو ڇا، تہ جيڪو ماڻهو رومي آهي، ۽ جنهن تي ڪو ڏوهہ ثابت ڪونہ ٿيو آهي، تنهن کي چهبڪ ٿا هڻو؟


پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن.


۽ جڏهن هو قيصريہ ۾ اچي پهتا ۽ حاڪم کي خط ڏنائون، تڏهن پولس کي بہ سندس اڳيان حاضر ڪيائون.


سو جڏهن فيستس انهي پرڳڻي ۾ آيو، تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ هو قيصريہ مان يروشلم ۾ ويو.


هاڻي ڪن ڏينهن کانپوءِ اگرپا بادشاهہ ۽ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ آيا.


۽ جڏهن اهو ٺهراءُ ٿيو تہ اسين جهاز ۾ چڙهي اطاليہ ڏانهن وڃون، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي شهنشاهي پلٽڻ جي هڪڙي يوليس نالي صوبيدار جي حوالي ڪيو.


تڏهن پولس صوبيدار ۽ سپاهين کي چيو، تہ جيڪڏهن هي جهاز تي نہ رهندا تہ اوهان جو بچڻ ڪونهي.


پر صوبيدار جي مرضي هئي تہ پولس کي بچايان، سو هنن کي انهي ارادي کان روڪيائين؛ ۽ حڪم ڏنائين تہ جيڪي تري سگهن، سي پهرين جهاز مان ٽپو ڏيئي پاڻيءَ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پهچن:


پر فلپس ازوٽس ۾ وڃي نڪتو، ۽ وچ مان لنگهندو سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻُڌائيندو ويو، تان جو قيصريہ ۾ اچي پهتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ