Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:6 - Sindhi Bible

6 سو جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن کانئس پڇيائون، تہ اي خداوند، تون هينئر ئي اسرائيل جي بادشاهت کي وري قائم ڪندين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ٻئي دفعي جڏهن اهي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انهن يسوع کان پڇيو تہ ”پرڀو! ڇا اوهين هن وقت ئي بني اسرائيل جو راڄ بحال ڪرڻ وارا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ٻئي دفعي جڏهن اهي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! ڇا اوهين هن وقت ئي بني اسرائيل جي بادشاهي بحال ڪرڻ وارا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ٻئي دفعي جڏھن اھي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انھن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! بني اسرائيل کي بادشاھت موٽائي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آھي ڇا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:6
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


۽ آءٌ تنهنجا قاضي موٽائي آڻيندس، جيئن اڳي هو: ۽ تنهنجا مشير وري آڻيندس، جيئن شروعات ۾ هو، تنهن کان پوءِ تون سچائيءَ وارو ۽ ايماندار شهر سڏبين.


تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.


۽ بادشاهت، ۽ حڪومت، ۽ آسمان جي هيٺان سڀني بادشاهتن جي شان ۽ شوڪت خدا تعاليٰ جي اوليائن کي ڏني ويندي: هن جي بادشاهت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ بادشاهت آهي، ۽ ٻيون سڀ حڪومتون انهي جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا.


اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


هن ورندي ڏيئي چيو تہ برابر ايلياہ اچي ٿو، اُهو سڀني شين کي موٽائي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو:


۽ هن چيس تہ توکي ڇا گهرجي؟ هن عرض ڪيس، تہ حڪم ڪر تہ تنهنجي بادشاهت ۾ هنن منهنجن ٻن پٽن مان هڪڙو تنهنجي سڄي پاسي ويهي، ۽ ٻيو تنهنجي کٻي پاسي.


۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن شاگردن وٽس خلاصو اچي کيس چيو، تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ تنهنجي اچڻ جي، ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟


هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟


۽ فريسين پڇيس، تہ خدا جي بادشاهت ڪڏهن ايندي؟ تن کي جواب ڏيئي چيائين، تہ خدا جي بادشاهت ڪنهن جي ڏسندي نٿي اچي،


۽ هنن اهي ڳالهيون پئي ٻُڌيون، تہ هڪڙو مثال بہ ڏنائين ڇو جو هو يروشلم کي اچي ويجهو ٿيو هو، ۽ ڇالاءِ جو هو ائين سمجهي ويٺا هئا تہ خدا جي بادشاهت اِجها ٿي ظاهر ٿئي.


۽ جيئن منهنجي پيءُ مون لاءِ بادشاهت مقرر ڪئي آهي، تيئن آئون بہ اوهان لاءِ بادشاهت مقرر ٿو ڪريان،


پوءِ پطرس جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن يسوع کي چيائين تہ اي خداوند، هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ