Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:26 - Sindhi Bible

26 پوءِ انهن جي لاءِ پُکا وڌائون؛ ۽ پُکو متياهہ جي نالي نڪتو؛ تڏهن اهو انهن يارهن رسولن ۾ شامل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 پوءِ انھن ٻنھي جي لاءِ پُکا وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ ھو يارھن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:26
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح هو ڪڻا وجهي هڪ ٻئي جي آڏو ورهايا ويا؛ ڇالاءِ جو اليعزر ۽ اتمر جي پٽن مان ڪي سردار پاڪ جاءِ جا هئا، ۽ ڪي خدا جا.


۽ اسان يعني ڪاهنن، لاوين، ۽ باقي قوم ڪُڻا وڌا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاٺين جي قرباني، سال بسال ٺهرايل وقتن تي پنهنجن ابن جي گهراڻن موجب پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻيون، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي ساڙيون، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي:


۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾.


جنهن کي سمجهہ آهي تنهنجي لاءِ اُها حياتيءَ جو هڪڙو چشمو آهي: پر بي عقلن کي فهمائش ڏيڻ انهن جي بي عقلي آهي.


ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.


۽ هارون اُنهن ٻن ٻڪرن تي پُکا وجهي: هڪڙو پُکو خداوند جي لاءِ، ۽ ٻيو عزازيل جي لاءِ.


۽ هنن مان هر ڪنهن پنهنجي سنگتيءَ کي چيو، تہ اچو تہ ڪڻا وجهون تہ خبر پوي تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي. تڏهن هنن ڪڻا وڌا، ۽ ڪڻو يوناہ جي نالي پيو.


پوءِ رسول يسوع وٽ وري اچي گڏ ٿيا، ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون، ۽ جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن سڀ جو بيان ڪري ٻڌايائون.


۽ هنن ٻن ڄڻن کي کڙو ڪيو، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا سڏيندا هئا، جنهن جو لقب يوسطس هو؛ ۽ ٻيو متياهہ.


۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون برباد ڪري، اٽڪل ساڍين چئن صدين تائين کين سندن ملڪ ورثي ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


پر پطرس انهن يارهن سان گڏ بيهي، وڏي سڏ ڳالهائي چوڻ لڳو، تہ اي يهودي ۽ ٻيا اوهين سڀ جي يروشلم جا رهاڪو آهيو، جيڪي آئون چوان ٿو سو ڪَن ڏيئي ٻُڌو؛


اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.


۽ يشوع سندن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي اڳيان ڪڻا وڌا: ۽ اُتي اُها زمين بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏنائين.


۽ انهي شهر جي ڀت جا ٻارهن بنياد هئا، ۽ انهن تي گهيٽي جي ٻارهن رسولن جا نالا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ