Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:22 - Sindhi Bible

22 يعني يوحنا جي بپتسما کان وٺي، انهي ڏينهن تائين جڏهن ڪ هو اسان وٽان مٿي چڙهي ويو، تن مان هڪڙو ضرور يسوع جي وري جي اُٿڻ جو شاهد رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو يسوع گليل جي ناصرت مان اچي يوحنا کان يردن ۾ بپتسما ورتي.


سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اوهين انهن ڳالهين جا شاهد آهيو.


پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن سڀيئي ماڻهو بپتسما وٺي چڪا، تڏهن يسوع بہ بپتسما وٺي دعا پئي گهُري، تہ آسمان کُلي پيو،


۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.


۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.


تنهن ڏينهن تائين، اي ٿيوفلس، جيڪي ڪي هو ڪندو رهيو، توڙي سيکاريندو رهيو، سو سڀ ڪجهہ مون پنهنجي اڳوڻي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي.


اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.


۽ رسول ڏاڍيءَ قدرت سان خداوند يسوع جي جِي اُٿڻ جي شاهدي ڏيندا هئا: ۽ سڀني تي گهڻو فضل هوندو هو.


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ