Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:21 - Sindhi Bible

21 تنهنڪري جيڪو وقت خداوند يسوع اسان وٽ ايندو ويندو هو، تنهن وقت ۾ جيڪي ماڻهو اسان سان گڏ گذاريندا هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21-22 تنهنڪري اهو ضروري آهي تہ هڪ اهڙو ماڻهو چونڊجي، جيڪو پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏئي. اهو اهڙو هئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انهيءَ سموري وقت ۾ گڏ رهيو هجي، جنهن ۾ پرڀو يسوع اسان سان هو، يعني پرڀوءَ جي يوحنا کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ تائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21-22 تنهنڪري اهو ضروري آهي تہ هڪ اهڙو ماڻهو چونڊجي، جيڪو خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاهدي ڏئي. اهو اهڙو هئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انهيءَ سموري وقت ۾ گڏ رهيو هجي، جنهن ۾ خداوند عيسيٰ اسان سان هو، يعني سندس يحيٰ کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21-22 تنھنڪري اھو ضروري آھي تہ ھڪ اھڙو ماڻھو چونڊجي، جيڪو خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاھدي ڏئي. اھو اھڙو ھئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انھيءَ ساري وقت ۾ گڏ رھيو ھجي، جنھن ۾ خداوند عيسيٰ اسان سان ھو، يعني سندس يحيٰ کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ تائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:21
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.


۽ هاڻي، اي خداوند منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي، منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي: ۽ آءٌ رڳو هڪڙو ننڍڙو ٻار آهيان؛ مون کي اها خبر نہ آهي تہ ڪيئن ٻاهر وڃان يا اندر اچان.


جو اندر ٻاهر وڃڻ وقت هنن جي اڳيان هلي، ۽ هنن کي ٻاهر وٺي وڃڻ، ۽ اندر آڻڻ ۾ هنن جو سونهون ٿئي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي جماعت نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.


۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون،


۽ جڏهن اندر گهڙيون، تہ ڏسن تہ خداوند يسوع جو لاش آهي ئي ڪونہ.


۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.


۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ