Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:14 - Sindhi Bible

14 اِهي مڙيئي، ۽ جيڪي زالون اُتي هيون، ۽ يسوع جي ماءُ مريم، ۽ سندس ڀائر، هڪ دل ٿي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهي سڀيئي عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪجھہ عورتن ۽ عيسيٰ جي ڀائرن سان گڏجي دعا گھرندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:14
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون.


۽ جيڪي بہ اوهين ايمان رکي دعا ۾ گهُرندا، سو سڀ اوهان کي ملندو.


۽ اُتي گهڻيون زالون جي گليل مان يسوع جي خدمت ڪنديون پٺيان آيون هيون، تن پريان بيٺي ڏٺو.


۽ اُتي زالون بہ هيون جن پري کان بيٺي ڏٺو، انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ سلومي هيون؛


جڏهن سبت جو ڏينهن گذري ويو، تڏهن مريم مگدليني ۽ يعقوب جي ماءُ مريم، ۽ سلومي، سرهاڻيون خريد ڪيون، انهي لاءِ تہ هن کي وڃي مکين.


پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا.


۽ انهيءَ مراد سان تہ هميشہ دعا گهرڻ کپي، ۽ ڪڏهن همت نہ هارجي، هن انهن کي هڪڙو مثال ڏيئي چيو،


۽ سندس سڀ ڄاڻ پڇاڻ وارا، ۽ اُهي زالون جي گليل مان ساڻس گڏجي آيون هيون، تن پريان بيٺي هي حال ڏٺو.


۽ جيڪي زالون گليل مان ساڻس گڏ آيون هيون، سي بہ پٺيان ويون، ۽ وڃي قبر ڏٺائون ۽ اهو بہ تہ لاش ڪيئن رکيو اٿن؛


اُهي مريم مگدليني ۽ يوعانا، ۽ يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون بہ جيڪي اُنهن سان هيون، تن رسولن سان اهي ڳالهيون ڪيون.


۽ اوڏيءَ مهل هو اُٿي کڙا ٿيا، ۽ يروشلم ڏانهن موٽي آيا، ۽ اچي ڏسن تہ اهي يارهن ۽ سندس ساٿي سڀ پاڻ ۾ مڙيا ويٺا آهن،


۽ هر دم هيڪل ۾ وڃي خدا جي تعريف ڪندا رهيا.


تنهن تي ڪن چيس، تہ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن، ۽ توکي گڏجڻ ٿا چاهين.


هاڻي جڏهن پنتيڪوست (يا پنجاهون) ڏينهن آيو، تڏهن سڀ هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيا.


۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،


پر اسين دعا ۽ ڪلام جي خدمت ۾ مشغول رهنداسين.


اُميد ۾ خوش رهو؛ مصيبت ۾ تحمل ڪريو، دعا گهرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو؛


تنهنڪري جيڪو ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، تنهن کي دعا گهُرڻ کپي تہ ترجمو بہ ڪري سگهي.


۽ هر وقت ۽ هر طرح سان روح ۾ دعا ۽ منٿ ڪندا رهو، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن جي لاءِ اورچ ٿي دعا گهُرندا ۽ جاڳندا رهو،


دعا گهُرڻ ۾ قائم رهو، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ ۾ هوشيار رهو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ