Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن هو زيتون نالي ٽڪر، جو يروشلم جي ويجهو آهي ۽ هڪ سبت جي ڏينهن جيترو پنڌ آهي، تنهن تان موٽي يروشلم ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 پوءِ سنت زيتون نالي ٽڪر کان يروشلم شهر ڏانهن موٽيا. اهو ٽڪر يروشلم کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر پري هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان يروشلم شهر ڏانهن موٽيا. اهو ٽڪر يروشلم کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر پري هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان موٽي يروشلم شھر ۾ آيا، جيڪو اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر جيترو پري آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو.


۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو، ۽ بيت فگا ۾ زيتون جي ٽڪر تي آيا، تڏهن يسوع ٻن شاگردن کي موڪليو،


۽ اوهين دعا گهرو تہ اوهان جو ڀڄڻ سياري ۾ نہ ٿئي، نڪي سبت جي ڏينهن ٿئي.


۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن شاگردن وٽس خلاصو اچي کيس چيو، تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ تنهنجي اچڻ جي، ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟


۽ جڏهن هو زبور ڳائي چڪا تڏهن زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ، بيت فگا ۽ بيت عنياہ جي ويجهو آيو، تڏهن ٻن شاگردن کي موڪلي چيائين تہ


۽ هو روز ڏينهن جو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو، ۽ رات جو ٻاهر نڪري زيتون جي ٽڪر تي وڃي ٽڪندو هو.


۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين.


۽ هنن کيس سجدو ڪيو، ۽ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان يروشلم ۾ موٽي آيا.


هاڻي بيت عنياہ جو ڳوٺ يروشلم جي ويجهو اٽڪل ڪوهہ پنڌ تي هو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ