Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آڪاش ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آسمان ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 جيئن تہ ھو مٿي وڃي رھيو ھو ۽ انھن جون اکيون آسمان ۾ ئي کتل ھيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻھو نوراني پوشاڪ سان ھنن جي ڀرسان اچي بيٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ تو مشڪل سوال ڪيو آهي: انهيءَ هوندي بہ جڏهن آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تڏهن جي تون مون کي ڏسندين تہ توسان ائين ٿيندو، پر جي نہ، تہ ائين نہ ٿيندو.


منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.


۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.


هن جي شڪل وڄ جهڙي هئي، ۽ سندس پوشاڪ اڇي برف جهڙي،


۽ قبر ۾ گهڙي ڏسن تہ هڪڙو جوان ماڻهو اڇن ڪپڙن سان ساڄي پاسي ويٺو آهي؛ ۽ هو عجب ۾ پئجي ويون.


۽ اڃا انهي ڪري هو وائڙيون ٿيون بيٺيون هيون، تہ ڏسو، ٻہ ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.


تہ ڏسي تہ جتي يسوع جو لاش پيل هو، اُتي ٻہ ملائڪ اڇن ڪپڙن سان ويٺا آهن، هڪڙو سيرانديءَ ۽ ٻيو پيرانديءَ.


هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!


تڏهن ڪرنيليس چيو تہ چار ڏينهن ٿيندا تہ هيڏيءَ مهل مون پنهنجي گهر ۾ ٽپهريءَ جي دعا پئي گهُري، تہ اوچتو هڪڙو ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ پائي منهنجي اڳيان اچي بيٺو،


پر سرديس ۾ تو وٽ ڪي اهڙا آهن جن پنهنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا؛ ۽ اُهي سفيد پوشاڪ پائي مون سان گڏ گهُمندا، جو اُهي انهي جا لائق آهن.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ