Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




3.يوحنا 1:8 - Sindhi Bible

8 تنهنڪري اسان کي گهرجي تہ اهڙن جون گهُرجون پوريون ڪريون، تہ سچائيءَ ۾ سندن هم خدمت ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 سو اسان جو فرض آهي تہ اهڙن ماڻهن جي مدد ڪريون، تہ جيئن اسين هن سچ واري ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سو اسان جو فرض آهي تہ اهڙن ماڻهن جي مدد ڪريون، تہ جيئن اسين هن سچ واري ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




3.يوحنا 1:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي بدران ڪير بدڪارن جي برخلاف کڙو ٿيندو؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ خطاڪارن جي سامهون ٿيندو؟


۽ جيڪو اوهان کي قبول نہ ڪري، نڪي اوهان جي ڳالهہ ٻڌي، تہ جيئن اُنهي گهر يا شهر مان نڪرو، تيئن پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو.


جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري، جنهن مون کي موڪليو آهي.


۽ اُهو اندران وراڻي ڏيئي چوي، تہ مون کي هلاک نہ ڪر: هاڻي در پوريو پيو آهي، ۽ منهنجا ٻار مون سان گڏ هنڌ تي سُتا پيا آهن، سو آئون اُٿي توکي ڏيئي نٿو سگهان.


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


جيڪڏهن ڪو طيطس بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ هو منهنجو شريڪ آهي، ۽ اوهان جي خدمت ڪرڻ ۾ منهنجو رفيق آهي، يا جي ڪو اسانجن ڀائرن بابت پڇي تہ انهي کي خبر هجي تہ اُهي ڪليسيائن جا قاصد ۽ مسيح جو جلال آهن.


هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن.


۽ يسوع، جنهن کي يوستس ڪري سڏيندا آهن، ۽ جي مختون آهن، تن اوهان کي سلام ڏنا آهن. رڳو اهي خدا جي بادشاهت لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا هم خدمت آهن ۽ اِهي ئي منهنجي تسلي جو سبب پئي ٿيا آهن.


۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛


۽ اسان جي ڀيڻ افيہ، ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس، ۽ انهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا تنهنجي گهر ۾ گڏ ٿيندي آهي؛


۽ مرقس ۽ ارسترخس ۽ ديماس، ۽ لوقا، جي منهنجا هم خدمت آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين.


تنهنڪري جي آئون آيس تہ جيڪي ڪم هو ڪري ٿو، سي اچي ظاهر ڪندس، تہ ڪيئن هو اسان جي برخلاف خراب ڳالهيون ٿو بڪي. ۽ ايتري تي بہ راضي نہ آهي پر پاڻ ڀائرن کي قبول نٿو ڪري، ۽ جيڪي قبول ڪرڻ گهُرن ٿا تن کي بہ منع ٿو ڪري، ۽ ڪليسيا مان ڪڍيو ڇڏي.


ڇالاءِ جو هو انهي جي نالي جي واسطي نڪري پيا ۽ غير قومن کان ڪي بہ ڪين ورتائون.


مون ڪليسيا ڏانهن ڪي ڪجهہ لکيو هو؛ پر دياترفيس، جو هنن ۾ وڏو ٿيڻ ٿو گهُري، سو اسان کي قبول نٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ