Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




3.يوحنا 1:6 - Sindhi Bible

6 انهن ڪليسيا جي اڳيان تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. تون اُنهن کي اهڙيءَ طرح سفر تي روانو ڪر، جهڙيءَ طرح خدا جي خدمت جي لائق آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هتان جي وشواسي منڊليءَ جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن ايشور کي پسند آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هتان جي ڪليسيا جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن خدا کي پسند آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ڪليسيا جي اڳيان انھن تنھنجي پيار جي شاھدي ڏني آھي. اھو چڱو ٿيندو جيڪڏھن تون اھڙيءَ طرح سندن مدد ڪري سفر لاءِ روانو ڪندين جھڙيءَ طرح خدا کي جڳائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




3.يوحنا 1:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن تون چڱو ڪرين، تہ جيڪر قبول نہ پوين ڇا؟ پر جي تون چڱو نٿو ڪرين تہ گناهہ تنهنجي دروازي تي ڇپ هڻي ويٺو آهي: ۽ تنهنجي خواهش اٿس، پر تون مٿس غالب پئُہ.


تڏهن خداوند فرمايو، تہ ڪاوڙجڻ سان تون ڪو چڱو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟


تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيندا آهن، ۽ رت، ۽ جيڪي جانور گهٽي ماريندا آهن، ۽ زنا، تن سڀني کان پاسو ڪريو؛ ۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي انهن کان پاسي رکندا تہ اوهان جي لاءِ ڀلو ٿيندو. شال سلامت رهو.


تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.


۽ جڏهن هيئن ٿيو جو اُهي ڏينهن ڀرجي آيا، تڏهن اُتان روانا ٿياسين، ۽ هو سڀيئي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سميت اسان سان گڏ هليا آيا، جيستائين ڪ شهر کان نڪري ٻاهر ٿياسين: پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي گوڏا کوڙي دعا گهُريسون.


تنهنڪري جڏهن آئون اسپين ڏانهن ويندس، تڏهن اُميد اٿم تہ انهي سفر ۾ اوهان وٽان ٿيندو ويندس. ڇالاءِ تہ جڏهن اوهان جي صحبت مان ڪجهہ قدر منهنجي دل ڀربي، تڏهن اوهين مون کي انهي پاسي روانو ڪجو.


يعني تہ اوهان وٽان ٿي مڪدونيہ ڏانهن وڃان، ۽ مڪدونيہ کان موٽي اوهان وٽ اچان، ۽ اوهين مون کي يهوديہ ڏانهن روانو ڪريو.


انهي هوندي بہ اوهان چڱو ڪيو جو منهنجي مصيبت ۾ شامل ٿيا.


انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو.


زيناس، شريعت جي عالم ۽ اپلوس کي اهڙي بندوبست سان روانو ڪج، جيئن هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج نہ ٿئي.


هن ڪري جو جيڪڏهن اوهين گناهہ ڪري انهي لاءِ مار کائو، ۽ پوءِ صبر ڪري اُها سهو تہ اُنهي ۾ ڪهڙو فخر آهي؟ پر جيڪڏهن نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو، ۽ صبر ڪري اُهو سور سهو، تہ خدا وٽ اها ڳالهہ قبول پوندي.


دميتريس بابت سڀيئي ماڻهو ۽ خود حق بہ شاهدي ٿو ڏئي، بلڪ آئون بہ شاهدي ٿو ڏيان، ۽ تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي شاهدي سچي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ