Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




3.يوحنا 1:4 - Sindhi Bible

4 منهنجي لاءِ انهي کان وڌيڪ ٻي خوشي ڪانهي تہ آئون پنهنجن ٻارن بابت ٻُڌان تہ اهي سچ جي پيروي پيا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 منھنجي لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانھي، جڏھن آءٌ ٻڌان تہ منھنجا ٻار سچ تي ھلي رھيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




3.يوحنا 1:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند منهنجي نسبت ۾ جيڪو ڪلام ڪيو آهي سو قائم ڪري، جو چيو اٿس تہ جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري پنهنجي ساريءَ دل ۽ پنهنجي ساري روح سان سچ جي رستي منهنجي اڳيان هلندو، تہ ڪڏهن بہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهو جي ڪمي نہ ٿيندي.


تڏهن سليمان چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود کي گهڻي مهرباني ڏيکاري آهي، جو هو تنهنجي اڳيان سچائي، ۽ راستبازي، ۽ دل جي صداقت سان تو سان هلندو هو؛ ۽ تو هن واسطي اها وڏي مهرباني قائم رکي آهي جو سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو اٿيئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن آءٌ تنهنجي اڳيان سچ تي ڪامل دل سان هليو آهيان، ۽ اُهي ڪم ڪيا اٿم جي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن. پوءِ حزقياہ ڏاڍو روئڻ لڳو.


سچي جو پيءُ نهايت خوش رهندو: ۽ جيڪو ڏاهو ٻار ٿو ڄڻي تنهن کي انهيءَ مان خوشي حاصل ٿيندي.


۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو.


ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.


هاڻي آئون اوهان کي پنهنجا ٻار ڄاڻي چوان ٿو تہ اوهين بہ ڪشادہ دل ٿيو.


پر جڏهن مون ڏٺو تہ هو انجيل جي سچائيءَ موجب سنوان سڌا نٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان ڪيفاس کي چيو تہ جي تون يهودي ٿي غير قومن وانگر ٿو گذارين ۽ نہ يهودين وانگر، تڏهن ڪيئن غير قومن کي زور ٿو ڪرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟


اي منهنجا ٻار، اوهان جي ڪري مون کي وري ڄڻڻ جا سور لڳا آهن، جيسين ڪ اوهان ۾ مسيح جي صورت پيدا ٿئي!


۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛


تيمٿيس ڏانهن جو ايمان جي ڪري منهنجو سچو فرزند آهي: خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جو فضل ۽ رحم ۽ اطمينان تو تي هجي.


تيمٿيس ڏانهن، جو منهنجو پيارو فرزند آهي، خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جي طرفان فضل ۽ رحم ۽ اطمينان توکي حاصل ٿيندو رهي.


يعني توکي پنهنجي ٻار انيسمس بابت عرض ڪريان، جو قيد ۾ منهنجو فرزند بڻيو آهي.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اهي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن انهي لاءِ ٿو لکان تہ اوهين گناهہ نہ ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي گناهہ ڪري تہ پيءُ وٽ اسان جو هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح راستباز:


آئون ڏاڍو خوش ٿيس جو جيئن اسان کي پيءُ کان حڪم مليو تيئن ئي مون تنهنجن ٻارن مان ڪن کي حق تي هلندو ڏٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ