Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.تيمٿيس 3:14 - Sindhi Bible

14 پر جيڪي ڳالهيون تون سِکيو آهين ۽ جن جو توکي يقين آهي، تن تي قائم رهہ، ۽ اهو ياد رک تہ اُهي تو ڪهڙن ماڻهن کان سِکيون آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پر تون انهن ڳالهين تي قائم رهہ، جيڪي تو سکيون آهن ۽ جن کي تو پوريءَ طرح قبول ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون انهن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اهي سکيون آهن

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پر تون انهن ڳالهين تي قائم رهہ، جيڪي تو سکيون آهن ۽ جن کي تو پوريءَ طرح قبول ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون انهن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اهي سکيون آهن

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر تون انھن ڳالھين تي قائم رھہ، جيڪي سکيون اٿيئي ۽ جن جو تو کي پورو يقين آھي، ڇالاءِ⁠جو تون انھن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اھي سکيون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.تيمٿيس 3:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


هڪڙو ماڻهو هڪڙي ڏينهن کي ٻئي کان بهتر ٿو سمجهي، ٻيو ماڻهو سڀ ڏينهن هڪجهڙا ٿو سمجهي. ڀلي تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي دل ۾ پورو يقين رکي.


انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛


ڇالاءِ تہ اسان جي خوشخبري اوهان وٽ نہ فقط لفظن ۾ آهي، پر قدرت، ۽ پاڪ روح ۾ پوريءَ خاطريءَ سان آهي؛ جو خبر اٿوَ تہ اوهان جي خاطر اسين اوهان سان ڪيئن هلندا هئاسين.


۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري.


پنهنجي، ۽ پنهنجي تعليم جي سنڀال ڪج؛ انهن ڳالهين تي قائم رهندو اچج؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي توڙي پنهنجي ٻُڌڻ وارن کي بچائيندين.


جيڪي صحيح ڳالهيون تو مون کان ٻُڌيون، تن جو نمونو انهي ايمان ۽ محبت سان دل ۾ رکج، جو مسيح يسوع ۾ آهي.


۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن.


۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.


۽ ايمان جو ڪلام، جو تعليم موجب آهي، تنهن تي قائم هجي، انهي لاءِ تہ صحيح تعليم سان نصيحت ڪري ۽ مخالفن کي قائل ڪري سگهي.


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


۽ اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هرڪو پڇاڙيءَ تائين ڪامل اُميد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ