Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.تيمٿيس 2:26 - Sindhi Bible

26 ۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 ۽ پنهنجي هوش ۾ اچي شيطان جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 ۽ پنهنجي هوش ۾ اچي ابليس جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي ھوش ۾ اچي شيطان جي ڦندي مان ڇٽن، جنھن کين پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ قيدي بڻايو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.تيمٿيس 2:26
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، جيڪي هن وٽ آهي سو سڀ تنهنجي اختيار ۾ آهي؛ رڳو هن جي جان تي تون پنهنجو هٿ نہ کڻج، تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان هليو ويو.


۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، هو تنهنجي هٿ ۾ آهي؛ رڳو هن جي حياتي بچيل رهي.


اسان جي جان ائين ڇٽي ويئي آهي جيئن ڪو پکي ماريءَ جي ڦانڌي مان ڇٽي: ڦانڌي ڇڄي پيئي آهي، ۽ اسين ڇٽي ويا آهيون.


تنهن ڪري خداوند جو ڪلام انهن جي لاءِ حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم ٿيندو؛ قانون تي قانون، قانون تي قانون ٿيندو؛ ٿورو هِتي ٿورو هُتي، انهي لاءِ تہ اهي وڃن ۽ پٺ تي ڪرن، ۽ شڪست کائين، ۽ ڦاسي پون، ۽ گرفتار ٿين.


تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.


۽ انهيءَ تي گهڻا ئي آٿڙندا، ۽ ڪرندا، ۽ ڀڄي پوندا، ۽ ڦاسي پوندا، ۽ گرفتار ٿيندا.


جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو هٿيار پنوهار ٻَڌي پنهنجيءَ حويليءَ جي سنڀال ٿو ڪري، تڏهن ان جو مال متاع سلامت ٿو رهي؛


پر جڏهن هن پاڻ سنڀاليو، تڏهن چيائين تہ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترن نوڪرن کي ججهي ماني پيئي ملي، ۽ آئون هتي بک پيو مران!


۽ شمعون جا ڀائيوار زبديءَ جا پٽ، يعقوب ۽ يوحنا، سي بہ عجب ۾ پئجي ويا. ۽ يسوع شمعون کي چيو، تہ ڊڄ نہ، ڇو جو اڄ کان وٺي تون ماڻهن کي جهليندين.


۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي.


۽ گرهہ وٺڻ کانپوءِ شيطان اچي منجهس گهڙيو. تڏهن يسوع چيس تہ جيڪي ڪرين ٿو، سو سگهو ڪري وٺ.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟


راستباز ٿيڻ لاءِ هوش ۾ اچو ۽ گناهہ نہ ڪريو، ڇالاءِ جو ڪن کي خدا جي ڪابہ خبر ڪانهي: آئون اوهان کي انهي لاءِ ٿو چوان تہ من شرم اچيوَ.


انهي لاءِ تہ شيطان اسان تي قبضو نہ ڪري، جو اسين هن جي منصوبن کان غير واقف نہ آهيون.


تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“


۽ هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهت ۾ آندو؛


انهن مان همنيوس ۽ سڪندر آهن؛ جن کي مون شيطان جي حوالي ڪيو تہ ڪفر کان باز رهڻ سکن.


جيڪي ٻاهر آهن تن وٽ بہ نيڪ ناموس وارو هئڻ گهرجي؛ تہ متان ملامت ۾ يا شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ