Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:6 - Sindhi Bible

6 هاڻي اي ڀائرو، اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي حڪم ٿا ڏيون، تہ اوهين سڀ ڪنهن اهڙي ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جو بي قاعدي ٿو هلي، ۽ انهيءَ روايت تي عمل نٿو ڪري جا اسان کان اوهان کي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ وشواسيءَ کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب جيون نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ ايمان واري کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب زندگي نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ.


هاڻي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي، تنهن جي برخلاف جيڪي نفاق ٿا وجهن ۽ گمراهہ ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، تن کي نظر ۾ رکجو، ۽ کانئن پاسو ڪجو.


هاڻي آئون اوهان جي تعريف ٿو ڪريان جو اوهين سڀني ڳالهين ۾ مون کي ياد ٿا ڪريو، ۽ جهڙيءَ طرح مون اوهان کي روايتون ڏنيون آهن، تهڙيءَ طرح اوهين اُنهن کي قائم رکندا ٿا اچو.


جڏهن اوهين ۽ منهنجو روح خداوند يسوع جي قدرت سان پاڻ ۾ گڏجو،


مون پنهنجي خط ۾ اوهان ڏانهن لکيو هو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکو.


پر جنهن کي اوهين ڪنهن ڳالهہ جي معافي ٿا ڏيو؛ انهي کي آئون بہ معافي ٿو ڏيان. ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون ڪجهہ بہ معاف ڪيو آهي، تہ مسيح جي روبرو اوهان جي خاطر اهو معاف ڪيو اٿم.


تنهنڪري آئون خداوند جي اڳيان شاهدي ڏيندي هيئن ٿو چوان، تہ جهڙيءَ طرح غير قومون پنهنجي اجاين خيالن موافق هلن ٿيون، تهڙيءَ طرح اوهين اڳتي نہ هلو؛


۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.


تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.


۽ جيئن اسان اوهان کي تاڪيد ڪئي، تيئن ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڪريو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو؛


اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.


تنهنڪري، اي ڀائرو، ثابت قدم رهو، ۽ جيڪي روايتون اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن، تن تي قائم رهو.


اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گهرجي: ڇالاءِ جو اسين اوهان منجهہ بي قاعدي ڪونہ هلياسون؛


خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر.


۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي.


دينداريءَ جو ظاهري نمونو رکندڙ، پر انهي جي اثر کان خالي ٿيندا. اهڙن کان بہ پاسو ڪج.


آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛


جيڪڏهن ڪوبہ اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي، تہ انهي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي سلام ڪريوس؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ