Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:4 - Sindhi Bible

4 ۽ اوهان جي بابت اسان کي خداوند ۾ اِها خاطري آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، انهن تي اوهين عمل ڪريو بہ ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 پرڀو يسوع ۾ اسان کي اوهان تي ڀروسو آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، تن تي اوهين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خداوند عيسيٰ ۾ اسان کي اوهان تي اعتماد آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، تن تي اوهين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 خداوند جا ھئڻ ڪري اسان کي اوھان بابت اھو يقين آھي تہ جيڪي حڪم اسين اوھان کي ڏيون ٿا، تن تي اوھين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


اي منهنجا ڀائرو، مون کي بہ پاڻ اوهان جي نسبت ۾ اهو يقين آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀريل، ۽ سڀ علم سان ڀرپور آهيو، ۽ هڪ ٻئي کي نصيحت بہ ڪري سگهو ٿا.


ڇالاءِ جو مون کي اهڙي همت ڪانهي تہ جيڪي ڳالهيون غير قومن جي تابع ڪرڻ لاءِ، قول توڙي فعل سان مسيح منهنجي معرفت ڪيون، تن کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهہ جو ذڪر ڪريان،


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهي، جلال ۽ عزت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي ڏيندو:


جيڪڏهن ڪو پاڻ کي نبي يا روحاني ماڻهو سمجهي، تہ ڄاڻي تہ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، سي خداوند جا حڪم آهن.


ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي.


۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.


ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.


۽ انهن سان گڏ اسان پنهنجي انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا گهڻين ڳالهين ۾ آزمائي ڏٺو اٿئون تہ سرگرميءَ وارو آهي، ۽ هاڻي تہ پاڻ وڌيڪ سرگرمي اٿس، ڇالاءِ جو هن کي اوهان ۾ وڏي اُميد آهي.


مون کي خداوند ۾ اوهان تي اهو يقين آهي، تہ اوهين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا؛ پر جيڪو اوهان کي منجهائي ٿو، سو ڪير بہ هوندو تہ ضرور سزا پائيندو.


۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


جيئن ڪ سچ پچ مڪدونيہ جي سڀني ڀائرن سان اوهين ڪريو بہ ٿا. پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ اڃا بہ وڌندا وڃو؛


هاڻي جيڪي اهڙا آهن تن کي اسين حڪم ٿا ڏيون، بلڪ خداوند يسوع مسيح ۾ نصيحت ٿا ڪريون تہ اهي صبر سان پورهيو ڪري پنهنجي ماني کائين.


هاڻي اي ڀائرو، اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي حڪم ٿا ڏيون، تہ اوهين سڀ ڪنهن اهڙي ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جو بي قاعدي ٿو هلي، ۽ انهيءَ روايت تي عمل نٿو ڪري جا اسان کان اوهان کي ملي.


مون کي تنهنجي فرمانبرداريءَ جي پڪ آهي ۽ اها خبر اٿم تہ جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن کان بہ تون وڌيڪ ڪندين، تنهنڪري آئون تو ڏانهن ٿو لکان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ