Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:13 - Sindhi Bible

13 پر اي ڀائرو، اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ نہ ٿڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ان کان علاوہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ان کان علاوہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين نيڪي ڪرڻ ۾ ڪڏھن نہ ٿڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن مون کي يقين نہ هجي ها تہ آءٌ جيئرن جي زمين تي خداوند جي ڀلائي ڏسندس، تہ هوند آءٌ بيهوش ٿيءُ وڃان ها:


انهي ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ تون نہ ڊڄ، ۽ صيون کي تہ تون پنهنجا هٿ ڍرا ٿيڻ نہ ڏي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟


۽ انهيءَ مراد سان تہ هميشہ دعا گهرڻ کپي، ۽ ڪڏهن همت نہ هارجي، هن انهن کي هڪڙو مثال ڏيئي چيو،


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهي، جلال ۽ عزت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي ڏيندو:


۽ جڏهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ٿي ويو، تڏهن فرزند پاڻ بہ اُنهي جي تابع ٿي ويندو، جنهن سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خدا سڀ ۾ سڀ ڪجهہ هجي.


سو جنهن صورت ۾ اسان کي هيءَ خدمت خدا جي رحمت سان ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسين همت نٿا هاريون.


تنهنڪري اسين همت نٿا هاريون؛ پر جيتوڻيڪ اسان جي ظاهري انسانيت فنا ٿيندي ٿي وڃي، تڏهن بہ اسان جي اندرين انسانيت روز بروز نئين ٿيندي ٿي وڃي.


۽ عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون، تہ جيڪو ماڻهو ڊڄڻو يا ناهمت هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان سندس ڀائر بہ انهي وانگر ناهمت ٿي پون.


۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛


تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.


تنهن هوندي بہ انهي کي دشمن نہ ڄاڻو، بلڪ ڀاءُ سمجهي نصيحت ڪريو.


ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو.


۽ اوهان اُها نصيحت وساري ڇڏي آهي جا پٽن وانگر اوهان کي ڪئي ويئي هئي، تہ ”اي منهنجا فرزند، خداوند جي سيکت کي ڪين جهڙو نہ ڄاڻ، جڏهن اهو تو کي ڇينڀي، تڏهن دل نہ لاهہ؛


۽ تون تحمل وارو آهين، ۽ منهنجي نالي سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿَڪين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ