Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 3:12 - Sindhi Bible

12 هاڻي جيڪي اهڙا آهن تن کي اسين حڪم ٿا ڏيون، بلڪ خداوند يسوع مسيح ۾ نصيحت ٿا ڪريون تہ اهي صبر سان پورهيو ڪري پنهنجي ماني کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اسين پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي سمجھايون ٿا تہ اهي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري پنهنجي روزي ڪمائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اسين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي سمجھايون ٿا تہ اهي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري پنهنجي روزي ڪمائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 اسين خداوند عيسيٰ مسيح جي اختيار سان اھڙن ماڻھن کي حڪم ٿا ڏيون ۽ نصيحت ٿا ڪريون تہ اھي ماٺ ڪري گذارين ۽ پورھيو ڪري پنھنجي ماني کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 3:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڪل گرهہ صلح سان گڏ بهتر آهي، انهيءَ گهر کان جو عمدن طعامن سان ڀريل آهي، مگر جهيڙو اُن سان شامل آهي.


آرام واري هڪڙي مٺ، اُنهن ٻن مٺين کان بهتر آهي جا پورهئي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ سان آهي.


اسان جي ڏهاڙيءَ جي ماني هر روز اسان کي ڏي.


جنهن هيستائين چوري ٿي ڪئي، سو اڳتي چوري نہ ڪري؛ بلڪ گهُرجيس تہ پورهيو ڪري پنهنجن هٿن سان چڱا ڪم ڪري، تہ وٽس ايترو موجود ٿئي، جنهن مان گهُرج واري کي ڪجهہ ڏيئي سگهي.


تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.


۽ جيئن اسان اوهان کي تاڪيد ڪئي، تيئن ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڪريو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو؛


نڪي اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿان مفت جي ماني کاڌي، بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينهن پورهيو ڪيوسين، تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بوجو نہ ٿي پئون.


بادشاهن ۽ سڀني حاڪمن لاءِ بہ، تہ اسين نهايت دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ اطمينان جي حياتي گذاريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ