Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 2:15 - Sindhi Bible

15 تنهنڪري، اي ڀائرو، ثابت قدم رهو، ۽ جيڪي روايتون اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن، تن تي قائم رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رهو ۽ انهن روايتن تي قائم رهو، جيڪي اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رهو ۽ انهن روايتن تي قائم رهو، جيڪي اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رھو ۽ انھن ڳالھين تي قائم رھو، جيڪي اسان اوھان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 2:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي، تنهن جي برخلاف جيڪي نفاق ٿا وجهن ۽ گمراهہ ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، تن کي نظر ۾ رکجو، ۽ کانئن پاسو ڪجو.


هاڻي آئون اوهان جي تعريف ٿو ڪريان جو اوهين سڀني ڳالهين ۾ مون کي ياد ٿا ڪريو، ۽ جهڙيءَ طرح مون اوهان کي روايتون ڏنيون آهن، تهڙيءَ طرح اوهين اُنهن کي قائم رکندا ٿا اچو.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.


اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو.


تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.


تہ روح، يا ڪلام، يا خط جي ڪري جو اسان وٽان آيل سمجهو، اوهين پنهنجن خيالن ۾ ڊانوان ڊول نہ ٿيو، نڪي پريشان ٿيو، جو ڄڻ تہ خداوند جو ڏينهن هاڻي اچي پهتو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي.


هاڻي اي ڀائرو، اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي حڪم ٿا ڏيون، تہ اوهين سڀ ڪنهن اهڙي ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جو بي قاعدي ٿو هلي، ۽ انهيءَ روايت تي عمل نٿو ڪري جا اسان کان اوهان کي ملي.


۽ ايمان جو ڪلام، جو تعليم موجب آهي، تنهن تي قائم هجي، انهي لاءِ تہ صحيح تعليم سان نصيحت ڪري ۽ مخالفن کي قائل ڪري سگهي.


اي پيارو، جڏهن مون اوهان ڏانهن اُنهيءَ نجات بابت لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ اسين سڀيئي شريڪ آهيون، تڏهن مون ضروري سمجهيو تہ اوهان کي اها نصيحت ڪريان تہ جيڪو ايمان هڪ ئي ڀيري پاڪ ٿيلن کي سونپيو ويو، تنهن جي لاءِ ڏاڍي جانفشاني ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ