Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 2:11 - Sindhi Bible

11 ۽ انهي ڪري خدا هنن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي تہ ڪوڙ کي مڃين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اهو ئي سبب آهي جو ايشور هنن تي ڀَٽڪي وڃڻ جو اهڙو اثر وجھندو، جو هو ڪوڙ کي سچ ڪري مڃيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهو ئي سبب آهي جو خدا هنن تي گمراهيءَ جو اهڙو اثر وجھندو، جو هو ڪوڙ کي سچ ڪري مڃيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اھو ئي سبب آھي جو خدا ھنن تي گمراھيءَ جو اثر وجھندو، تہ جيئن ھو ان ڪوڙ کي مڃين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 2:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن جي مالڪ پنهنجيءَ زال جي ڳالهہ ٻڌي، جنهن چيس تہ تنهنجي غلام مون سان هيئن ڪيو، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس.


هائو، هو ٻئي کي لعنت ڪرڻ ۾ خوش هو، سو مٿس لعنت آئي؛ ۽ ٻئي کي برڪت ڏيڻ ۾ خوش ڪونہ هو، سو کيس برڪت ڪانہ ملي.


هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟


آءٌ بہ انهن جي وهمن کي چونڊيندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿانئن آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو تڏهن انهن نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ خراب هو سو انهن ڪيو، ۽ جنهن مان آءٌ راضي نہ هوس سو پسند ڪيائون.


ڇالاءِ جو هو اوهان کي هڪڙي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين، انهي لاءِ تہ اوهان کي پنهنجي ملڪ مان پري ڪڍي موڪلين؛ ۽ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان ۽ اوهين چٽ ٿي وڃو.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.


۽ جيڪڏهن نبي ٺڳجي ڪو ڪلام ڪندو، تہ مون خداوند انهي نبيءَ کي ڀنڀلايو آهي، ۽ آءٌ پنهنجو هٿ انهي تي ڊگهيريندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم اسرائيل مان وڍي ڇڏيندس.


جيسين ڪ هو تنهنجي لاءِ اجايون شيون ڏسن، ۽ تنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون وجهن، انهي لاءِ تہ توکي انهن شريرن جي ڪنڌن تي رکن جي سخت ڦٽيل آهن، جن جو ڏينهن اچي پهتو آهي، يعني پڇاڙيءَ جي سزا جو وقت.


۽ گهڻا ئي ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا.


ڇالاءِ جو گهڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا، ۽ چوندا تہ آئون مسيح آهيان، ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


ڇالاءِ جو اسان جي نصيحت گمراہ ڪندڙ ناهي؛ نڪي ناپاڪ يا ٺڳيءَ واري آهي:


پر روح صاف ٿو چوي تہ آخرين زمانن ۾ ڪي اهڙا ٿيندا جي گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي علم تي ڌيان ڏيڻ ڪري ايمان کان ڦري ويندا،


۽ پنهنجا ڪَن حق کان ڦيرائيندا ۽ آکاڻين ڏانهن نيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ