Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 2:10 - Sindhi Bible

10 ۽ برباد ٿيڻ وارن جي لاءِ ناراستيءَ جي هر طرح جي فريب سان ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهن سچ جي محبت اختيار نہ ڪئي تہ نجات ملين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين مڪتي ملي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين ڇوٽڪارو ملي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ھو برباد ٿيڻ وارن کي ھر قسم جي بڇڙائيءَ سان فريب ڏيندو. اھي ماڻھو انھيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جي محبت اختيار نہ ڪيائون، جنھن سان سندن ڇوٽڪارو ٿئي ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 2:10
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جو خوف علم جو منڍ آهي: پر بي عقل، ڏاهپ ۽ تعليم کي ڌڪارين ٿا.


جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.


۽ هن کين ورندي ڏيئي چيو تہ اوهان کي آسمان جي بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، پر نہ هنن کي.


ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي.


پر مون کي انسان جي شاهدي قبول ڪانهي: تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون جي ڪيون اٿم، سي هن لاءِ تہ اوهان کي نجات ملي.


اي ڀائرو، منهنجي دلي خواهش، ۽ هنن جي لاءِ خدا اڳيان منهنجو سوال اهو آهي، تہ شل کين نجات ملي.


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


پر خدا جو شڪر آهي، جو جيتوڻيڪ اوهين گناهہ جا غلام هئا، تہ بہ جيڪا تعليم اوهان کي ڏني ويئي، تنهن جا دل سان تابعدار ٿيا؛


ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.


جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.


ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين.


تنهنڪري جيڪڏهن انهي جا خادم پاڻ کي راستبازيءَ جا خادم ٿا بنائين تہ ڪا عجب ڳالهہ ڪانهي. انهن جو نتيجو سندن ڪمن جهڙو ٿيندو.


ڇالاءِ جو جن کي نجات ٿي ملي ۽ جيڪي چٽ ٿا ٿين، تن ٻنهي جي لاءِ اسين خدا جي حضور ۾ مسيح جي خوشبوءِ آهيون.


ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.


۽ جيڪي سچ تي ايمان نٿا آڻين، ۽ ناراستيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي سزا ملندي.


پر اي ڀائرو، خداوند جا پيارا، اسين ٻَڌل آهيون تہ هميشہ اوهان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ جو خدا شروع کان اوهان کي انهي لاءِ چونڊي ڪڍيو هو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿيو، ۽ سچ تي ايمان آڻيو، ۽ نجات حاصل ڪريو.


جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ.


جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي:


پر اهي ماڻهو بي عقل جانورن وانگر آهن، جي رڳو پڪڙجڻ ۽ برباد ٿيڻ جي لاءِ حيوانن جهڙا پيدا ٿيا آهن، ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن جي نسبت ۾ اجايو سجايو پيا ڳالهائين. هو پنهنجي خرابيءَ ۾ پاڻ چٽ ٿي ويندا،


ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ