Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ٿسلونيڪين 1:7 - Sindhi Bible

7 ۽ اوهين جي ڏک سهو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي: سو اُنهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنهنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهہ ۾ ظاهر ٿيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو پرڀو يسوع پنهنجي دوتن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آڪاش مان ظاهر ٿيندو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ٿسلونيڪين 1:7
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇالاءِ جو خداوند باهہ جي صورت ۾ انهيءَ تي لٿو؛ ۽ انهيءَ جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو، ۽ سارو جبل ڌڏڻ لڳو.


اتي هن کي هڪڙي ٻوڙي جي وچ ۾ خدا جو فرشتو باهہ ۾ ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.


هو سلامتيءَ ۾ داخل ٿو ٿئي؛ جيڪي بہ پنهنجي سچائيءَ تي هلن ٿا سي پنهنجن بسترن تي آرام ٿا ڪن.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.


باقي انهن ساهہ وارن جي شڪل باهہ جي ٽانڊن جهڙي هئي، ۽ مشعلن وانگي ٿي ڏسڻ ۾ آئي؛ اُها باهہ انهن ساهہ وارن منجهہ پي چڙهي ۽ لٿي؛ ۽ اُها باهہ چمڪندڙ هئي ۽ انهي باهہ مان وڄ پي نڪتي.


منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.


ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


۽ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن، تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين ابن آدم کي سندس بادشاهت ۾ ايندو نہ ڏسندا، تيسين موت جو مزو نہ چکندا.


پر جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال ۾ ايندو، ۽ سڀ ملائڪ بہ ساڻس هوندا، تڏهن هو پنهنجي جلال جي تخت تي اچي ويهندو.


تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.


يسوع چيس تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي، بلڪ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن کان پوءِ اوهين ابن آدم کي قادر مطلق جي ساڄي هٿ تي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن تي ايندو ڏسندا.


يسوع چيو تہ آئون آهيان: ۽ اوهين ابن آدم کي قدرت جي ساڄي پاسي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن سان ايندو ڏسندا.


ڇالاءِ تہ هن زناڪار ۽ گنهگار زماني ۾، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنهن کان ابن آدم بہ، جڏهن هو پاڪ ملائڪن سان گڏ پنهنجي پيءُ جي جلال سان ايندو، تڏهن شرمائيندو.


پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين.


سو جنهن ڏينهن ابن آدم ظاهر ٿيندو، تنهن ڏينهن پڻ ساڳيو ائين ٿيندو.


۽ سڀ ڪجهہ اُنهي جي وسيلي پيدا ٿيو، ۽ ڪابہ شيءِ جا ٿي آهي، سا هن بنا نہ ٿي آهي.


وري هن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کي کُليل ۽ خدا جي ملائڪن کي ابن آدم تي مٿي چڙهندو ۽ لهندو ڏسندا.


۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


۽ جي ٻار آهيون، تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث، ۽ مسيح سان ورثي ۾ هم شريڪ آهيون؛ بشرطيڪ هن سان گڏ ڏک سهون، تہ انهي سان گڏ جلال بہ حاصل ڪريون.


تہ هر ڪنهن جو ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن انهن کي پڌرو ڪندو، جڏهن باهہ نازل ٿيندي، ۽ خود باهہ هرهڪ ماڻهوءَ جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.


ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛


اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.


ڇالاءِ جو انهي ۾ سڀ ڪجهہ پيدا ڪيو ويو، جهڙو آسمان ۾ تهڙو زمين تي، جيڪي ڏسجي ٿو ۽ جيڪي نٿو ڏسجي، تخت توڙي حڪومتون، رياستون، توڙي طاقتون؛ سڀ ڪجهہ انهي جي وسيلي ۽ انهي جي لاءِ پيدا ٿيو آهي.


انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.


جيڪڏهن اسين ڏک سهنداسين تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين سندس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان جو انڪار ڪندو؛


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


پر عدالت جو هڪڙو خوفناڪ انتظار ۽ هيبت جهڙي باهہ سا باقي آهي، جا مخالفن کي کائي ويندي.


ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي.


تنهنڪري اسان کي خبردار رهڻ گهرجي تہ جڏهن هن جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رهيل آهي، تڏهن متان ائين نہ ٿئي تہ اوهان مان ڪو پوئتي رهجي وڃي.


تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.


تنهنڪري خدا جي اُمت لاءِ سبت جو آرام باقي رهيل آهي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.


جهڙيءَ طرح ڪ سدوم ۽ عموراہ ۽ اُنهن جي آس پاس وارا شهر، جي انهن وانگر زناڪاريءَ ۽ لونڊي بازيءَ جي پٺيان پيا، سي هميشہ جي باهہ جي سزا پيا سهن، تہ ٻين جي عبرت لاءِ هڪڙو مثال ٿين.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


تہ اُهو خدا جي غضب جي انهي شراب مان پيئندو، جو سندس غضب جي پيالي ۾ خاص طرح تيار ڪري رکيو ويو آهي. اُنهي کي پاڪ ملائڪن جي اڳيان، ۽ گهيٽي جي اڳيان، باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.


۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.


۽ سندن اکين مان سڀ ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو، ۽ موت ٿيندو ئي ڪونہ، نڪو وري ماتم ٿيندو؛ ۽ نڪو روئڻ نڪو سور: پهريون حالتون گذري ويون آهن.


مون يسوع، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو آهي، تہ ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آئون دائود جي پاڙ ۽ نسل ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.


۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.


۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.


۽ انهن مان هرهڪ کي هڪڙو اڇو وڳو ڏنو ويو؛ ۽ کين چيو ويو تہ اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيسين ڪ اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ڀائرن جو شمار، جي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا، پورو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ