Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 9:7 - Sindhi Bible

7 ۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 9:7
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن ماڻهن کي جو يوسف جي گهر ۾ وٺي آيا، تنهنڪري ڊپ وٺي وين، ۽ چوڻ لڳا تہ پهرئين ڀيري جي پيسا اسانجن ٻورن ۾ موٽائي وڌا هئائون، تنهن جي ڪري اسان کي هتي اندر وٺي آيا آهن، تہ اسان جي برخلاف ڪو بهانو ڳولي اسان تي ڪاهہ ڪن، ۽ هو اسان کي پنهنجا غلام ڪري اسان جا گڏهہ ڦري وٺن.


تڏهن هن چيو تہ اوهين دل جاءِ ڪريو، ڊڄو نہ: اوهان جي ۽ اوهان جي پيءُ جي خدا، اوهان جي ٻورن ۾ اوهان کي خزانو ڏنو آهي: اوهان جا پيسا مون کي ملي چڪا. پوءِ هو شمعون کي ڪڍي، انهن وٽ وٺي آيو.


۽ توکي پنهنجي ڌڻيءَ جو گهر، ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جون زالون تنهنجي جهوليءَ ۾ ڏنم، ۽ توکي اسرائيل جو، ۽ يهوداہ جو گهراڻو ڏنم؛ ۽ جي اهو ٿورو ٿي پوي ها تہ توکي گهڻيئي شيون ٻيون بہ ڏيان ها.


ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟


تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ آءٌ چوان ٿو تہ تون ۽ ضيبا زمين ورهائي وٺو.


۽ بادشاهہ برزليءَ کي چيو تہ تون مون سان پار لنگهي هل تہ آءٌ يروشلم ۾ پاڻ وٽ تنهنجي پرورش ڪريان.


پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.


۽ دائود چيو تہ سائول جي گهراڻي مان ڪو اڃا رهيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي يونتن جي خاطر مهرباني ڏيکاريان؟


۽ تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجا نوڪر، هن جي پاران زمين آباد ڪجو؛ ۽ تون پيدائش آڻجانءِ تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ماني کائي: پر مفيبوست، تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ هميشہ منهنجي دسترخاني تي ماني کائيندو. هاڻي ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.


تڏهن ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي کي حڪم ڪندو، ان موجب تنهنجو ٻانهو ڪندو. باقي مفيبوست جي نسبت ۾ بادشاهہ چيو تہ، هو بادشاهہ جي پٽن وانگر منهنجي دسترخاني تي کائيندو.


انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.


۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي.


پر برزلي جلعاديءَ جي پٽن کي مهرباني ڏيکارج، ۽ هو انهن ۾ شامل ٿين جي تنهنجي دسترخاني تي ماني کائيندا: ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي سلوم کان ڀڳو هوس تڏهن هو بہ مون سان ائين ئي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.


۽ هن انهيءَ جا قيدين وارا ڪپڙا بدلايا، ۽ هو پنهنجي حياتيءَ جي سڀني ڏينهن ۾ هن جي اڳيان ماني کائيندو رهيو.


منهنجو گهرو دوست، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجي ماني کاڌي، تنهن منهنجي برخلاف لت کنئي آهي.


۽ هو پنهنجي قيدين واري پوشاڪ بدلائي حياتيءَ جا باقي ڏينهن سندس اڳيان ماني کائيندو رهيو.


لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ سچائيءَ سان عدالت ڪريو، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ تي مهرباني ۽ رحم ڪري:


تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.


رڳو خداوند کان ڊڄو ۽ پنهنجي سڄي دل سان سچيءَ طرح سندس عبادت ڪريو: ڇالاءِ تہ ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪهڙا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن.


پر تون منهنجي گهر تان بہ ڪڏهن پنهنجي مهرباني لاهي نہ ڇڏج، بلڪ ڪڏهن بہ نہ، جيسين ڪ خداوند دائود جي سڀني دشمنن کي ساريءَ زمين تان وڍي ڇڏي.


تون مون سان رهہ، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو جيڪو منهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهي سو تنهنجي حياتيءَ جي بہ پٺيان آهي: ڇالاءِ جو مون سان گڏ تون صحيح سلامت رهندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ