Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 9:6 - Sindhi Bible

6 ۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن سائول جو پوٽو، يونتن جو پٽ مفيبوست دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڪيائين. دائود چيس تہ ”اي مفيبوست!“ هن ورندي ڏنس تہ ”اِجھو، اوهان جو ٻانهو حاضر آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 9:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين،


۽ هو پاڻ انهن جي اڳيان هليو، ۽ جيسين پنهنجي ڀاءُ تائين پهتو، تيسين ست ڀيرا زمين تي جهڪي سجدو ڪيائين.


۽ جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تڏهن مون کي ڏسي سڏيائين: ۽ مون ورندي ڏئي چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ڏس جيڪي مفيبوست جو آهي سو سڀ تنهنجو آهي، ۽ ضيبا چيو تہ آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان: اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.


پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.


هاڻي سائول جي پٽ يونتن کي هڪڙو پٽ هو، جو منڊو هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي خبر يزرعيل مان آئي، تڏهن اهو پنجن ورهين جو هو، ۽ سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي: ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هوءَ تڪڙي ٿي ڀڳي تيئن هو ڪري پيو، ۽ منڊو ٿي پيو، ۽ انهيءَ جو نالو مفيبوست هو.


تڏهن بادشاهہ دائود انهيءَ کي لودبار مان عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهران گهرائي ورتو.


۽ يونتن جو پٽ مريبعل هو؛ ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو؛


۽ يونتن جو پٽ مريببعل هو؛ ۽ مريببعل کي ميڪاہ ڄائو.


جڏهن ڇوڪر هليو ويو تڏهن دائود ڏکڻ واري هنڌان اُٿيو، ۽ ٽي ڀيرا زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: پوءِ هنن هڪٻئي کي چُميو، ۽ هڪٻئي سان رُنو، پر دائود حد ڪري چڪو.


۽ جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جهٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان منهن ڀر ڪري ۽ سجدو ڪرڻ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ