Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 9:3 - Sindhi Bible

3 ۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 بادشاهہ وڌيڪ پڇيس تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي تہ آءٌ انهيءَ تي خدا جي نالي مهرباني ڪريان؟“ تنهن تي ضيبا بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”يونتن جو هڪڙو پٽ باقي بچيو آهي، جيڪو ٻنهي ٽنگن کان جڏو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 9:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن ورندي ڏني تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، منهنجي نوڪر مون سان ٺڳي ڪئي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي چيو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ گڏهہ ٿو پلاڻيان تہ انهيءَ تي چڙهي بادشاهہ سان وڃان؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو منڊو آهي.


۽ هن منهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ تنهنجي ٻانهي جي شڪايت ڪئي آهي؛ پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ خدا جي هڪڙي ملائڪ جهڙو آهي: تنهنڪري جيڪي تنهنجي نظر ۾ مناسب اچي تيئن ڪر.


هاڻي سائول جي پٽ يونتن کي هڪڙو پٽ هو، جو منڊو هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي خبر يزرعيل مان آئي، تڏهن اهو پنجن ورهين جو هو، ۽ سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي: ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هوءَ تڪڙي ٿي ڀڳي تيئن هو ڪري پيو، ۽ منڊو ٿي پيو، ۽ انهيءَ جو نالو مفيبوست هو.


انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.


۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.


پوءِ جيئن اوهان جو پيءُ ٻاجهہ ڀريو آهي، تيئن اوهين بہ ٻاجهارا ٿيو.


تڏهن بہ خداوند خوشيءَ سان تنهنجي ابن ڏاڏن کي پيار ڪيو، ۽ انهن کان پوءِ سندس اولاد کي، يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن مان چونڊي ڪڍيائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


۽ جيئن تہ هن کي تنهنجن ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو، ۽ تنهنجو ساڻي ٿي، پنهنجيءَ وڏيءَ قدرت سان توکي مصر مان ڪڍي آندائين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ