Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 9:10 - Sindhi Bible

10 ۽ تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجا نوڪر، هن جي پاران زمين آباد ڪجو؛ ۽ تون پيدائش آڻجانءِ تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ماني کائي: پر مفيبوست، تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ هميشہ منهنجي دسترخاني تي ماني کائيندو. هاڻي ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو تون پنهنجي پٽن ۽ نوڪرن سميت هن جي لاءِ زمين آباد ڪري پيداوار کڻي اچي کيس ڏجانء، تہ جيئن تنهنجي آقا جي پوٽي جو گذران ٿئي. باقي تنهنجي آقا جو پوٽو مفيبوست پاڻ هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندو.“ ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 9:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ چيو تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ڪٿي آهي؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو يروشلم ۾ ٿو رهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ اڄ اسرائيل جو گهراڻو مون کي پنهنجي پيءُ جي بادشاهي موٽائي ڏيندو.


۽ هڪڙي پتڻ جي ٻيڙي، بادشاهہ جي گهراڻي جي پار لنگهائڻ لاءِ، ۽ سندس خدمت لاءِ ويئي. ۽ سمعي بن جيرا يردن لنگهڻ کان پوءِ اچي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو.


ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟


پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.


۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.


پر برزلي جلعاديءَ جي پٽن کي مهرباني ڏيکارج، ۽ هو انهن ۾ شامل ٿين جي تنهنجي دسترخاني تي ماني کائيندا: ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي سلوم کان ڀڳو هوس تڏهن هو بہ مون سان ائين ئي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.


۽ هن انهيءَ جا قيدين وارا ڪپڙا بدلايا، ۽ هو پنهنجي حياتيءَ جي سڀني ڏينهن ۾ هن جي اڳيان ماني کائيندو رهيو.


۽ هن جي قوت گذران لاءِ بابل جي بادشاهہ وٽان هن جي مرڻ جي ڏينهن تائين، سندس باقي حياتيءَ جي ڏينهن، روزمرہ جي خرچ موجب ملندو هوس.


پوءِ مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ مبارڪ آهي اُهو جو خدا جي بادشاهت ۾ ماني کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ