Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 8:6 - Sindhi Bible

6 پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ هن دمشق جي آس‌پاس واري ارامين جي علائقي ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون. اهڙيءَ طرح ارامي بہ دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 8:6
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي ٻيا بادشاهہ هدد عزر جا نوڪر هئا تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن تڏهن اسرائيل سان صلح ڪيائون، ۽ انهن جي ٻانهپ قبول ڪيائون. انهيءَ طرح ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.


۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جو پهري وارو لشڪر تڏهن بيت الحم ۾ هو.


تڏهن هاڻي ائين ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند دائود جي نسبت ۾ فرمايو آهي تہ پنهنجي ٻانهي دائود جي هٿان آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل کي فلستين ۽ سندس ٻين دشمنن جي هٿن کان بچائيندس.


۽ دائود زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جو خدا ساڻس هو.


۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


۽ هن عدوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا، بلڪ سڄي ادوم ۾؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.


۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.


۽ هدد عزر جي نوڪرن وٽ جيڪي سون جون سپرون هيون سي دائود هٿ ڪري يروشلم ۾ آنديون.


۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.


۽ اخي آب جي مرڻ کان پوءِ موآب اسرائيل کان باغي ٿيو.


هاڻي يربعام جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سندس طاقت، ۽ جنگيون، ۽ ڪيئن هن دمشق، ۽ حمات، جي يهوداہ جي ملڪيت هئا، سي اسرائيل لاءِ هٿ ڪيا، اهي سڀ ڳالهيون اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟


۽ خداوند هن سان هو؛ جنهن پاسي هو ويندو هو انهيءَ پاسي هو فتحياب ٿيندو هو: ۽ هو اسور جي بادشاهہ کان باغي ٿيو ۽ هن جي تابعداري نہ ڪيائين.


هاڻي موآب جي بادشاهہ ميسا کي گهڻيون رڍون هيون؛ ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هڪ لک رڍن ۽ هڪ لک گهٽن جي اُن پهچائي ڏيندو هو.


۽ هن ادوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.


۽ يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ هن لشڪر رکيا، ۽ يهوداہ جي زمين ۽ جيڪي افرائيم جا شهر سندس پيءُ آسا ورتا هئا، تن ۾ پهري وارا لشڪر رکيائين.


اي خداوند خدا، اي منهنجيءَ نجات جي طاقت، تو جنگ جي ڏينهن منهنجو مٿو ڍڪي ڇڏيو.


اي خدا تو اسان کي ڇڏي نہ ڏنو آهي ڇا؟ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين.


گهوڙو جنگ جي ڏينهن لاءِ تيار ڪجي ٿو، پر فتح خداوند جي وس آهي.


۽ فلستين جي قلعي جي فوج، جا جبعہ ۾ هئي، تنهن کي يونتن ماريو، ۽ فلستين اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ سائول قرناءِ وڄارائي سڄي ملڪ ۾ پڌرائي ڪرائي، ۽ چوايو تہ ڀلي عبراني ٻڌن.


هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ سائول جي پٽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هن پاسي فلستين جي قلعي واري فوج ڏي هلون. پر اها ڳالهہ هن پنهنجي پيءُ کي نہ ٻڌائي.


۽ لشڪرگاهہ ۾، ميدان ۾، ۽ سڀني ماڻهن ۾، اچي ڏڪڻي پيئي؛ فوجي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا: ۽ زمين بہ پئي ڌٻي؛ مطلب تہ نهايت وڏي ڏڪڻي پئجي ويئي.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ