Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 8:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 8:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.


پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.


۽ اخي آب جي مرڻ کان پوءِ موآب اسرائيل کان باغي ٿيو.


انهيءَ تي اسور جو بادشاهہ سلمنسر چڙهي آيو؛ ۽ هوسيع انهيءَ جو ٻانهو ٿيو، ۽ اُنهيءَ جي لاءِ نذرانا آندائين.


۽ هن موآب کي ماريو؛ ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا کڻي آيا.


۽ عموني عزياہ کي نذرانا ڏيندا هئا: ۽ هن جو نالو مصر جي گهڙڻ جي جاءِ تائين پکڙي ويو؛ ڇالاءِ جو هن نهايت گهڻو زور ورتو.


موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي؛ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: فلستين تي آءٌ للڪاريندس.


پرديسي هيڻا ٿي ويندا، ۽ ڏڪندا ڏڪندا پنهنجن قلعن مان نڪرندا.


اي خدا تو اسان کي ڇڏي نہ ڏنو آهي ڇا؟ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين.


موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانو آهي؛ ۽ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: اي فلستين، تون منهنجي ڪري خوشيءَ سان للڪار.


يعني ادوم جي رهندڙن ۽ اسماعيلين؛ موآب ۽ هاجري.


حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي:


آءٌ هن کي ڏسان ٿو، پر هاڻي نہ: منهنجي هنن تي نظر پوي ٿي، پر ويجهڙائيءَ ۾ نہ: يعقوب منجهان هڪڙو تارو نڪرندو، ۽ اسرائيل منجهان هڪڙو عصو کڙو ٿيندو، جو موآب جي ڪنڊن کي ماريندو، ۽ سڀني فسادين کي ڀڃي ڇڏيندو.


پر ڪن شيطان زادن چيو تہ هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگهندو؟ ۽ اُنهن هن کي حقير ڄاتو، ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون، پر هن ڪُڇيو ئي ڪين.


هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


پوءِ دائود اُتان موآب جي مصفاہ ڏي ويو: ۽ موآب جي بادشاهہ کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي موڪل ڏي تہ نڪري اچي تو وٽ رهن، جيسين ڪ مون کي خبر پوي تہ خدا منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري.


۽ هو اُنهن کي موآب جي بادشاهہ وٽ وٺي آيو: ۽ جيسين دائود ڳڙهہ ۾ لڪل هو تيسين اُهي هن وٽ رهيا پيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ