Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 8:18 - Sindhi Bible

18 ۽ بناياہ بن يهويدع، ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ ڪاهن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 بناياہ ولد يهويدع خاص محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ ڪاهن مقرر هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 8:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سندس سڀ نوڪر سندس پاسي کان اچي لنگهيا؛ ۽ سڀ ڪريتي، ۽ سڀ فليتي، ۽ سڀ جاتي، جي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي اڳيان لنگهيا.


هاڻي يوآب اسرائيل جي ساري لشڪر جي مٿان هو: ۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو:


۽ عيرا يائري بہ دائود جو ڪاهن هو.


۽ انهيءَ جي پٺيان يوآب جا ماڻهو ۽ قريتي ۽ فليتي ۽ سڀ بهادر مرد ويا: ۽ اهي يروشلم مان نڪتا، ۽ سبع بن بڪريءَ جي پٺيان پيا.


تنهنڪري صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ڪريتي ۽ فليتي لهي ويا، ۽ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي چاڙهي جيحون ۾ وٺي آيا.


۽ بادشاهہ انهيءَ سان صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ڪريتي ۽ فليتي موڪليا آهن؛ ۽ انهن هن کي بادشاهہ جي خچر تي چاڙهيو آهي:


پر صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ناتن نبي، ۽ سمعي، ۽ ريعي، ۽ جيڪي دائود جا بهادر مرد هئا، سي ادونياہ سان شامل نہ ٿيا.


۽ سليمان بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي موڪليو؛ جو هن تي ڪاهي وڃي پيو ۽ هو مئو.


۽ بناياہ بن يهويدع، لشڪر جي مٿان هو؛ ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا؛


۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛


۽ ستين ورهيہ ۾ يهويدع ڪاهن، ۽ پهري وارن مان سوَن جي سردارن کي گهرائي پاڻ وٽ خدا جي گهر ۾ آندو؛ ۽ انهن سان عهدنامو ڪيائين، ۽ خداوند جي گهر ۾ هنن کان قسم کڻايائين، ۽ پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ ڏيکاريائين.


بناياہ بن يهويدع، جو قبضيئلي جي هڪڙي پهلوان جو پٽ هو ۽ جنهن بهادريءَ جهڙا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جا ٻہ پٽ قتل ڪيا: هن برف جي وقت، هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙو شينهن بہ ماري وڌو.


۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ بادشاهہ جي چوڌاري مکيہ هئا.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ فلستين تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪندس، ۽ ڪريتين کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا باقي رهيل ماڻهو ناس ڪندس.


سمنڊ جي ڪناري جي رهاڪن، يعني ڪريتين جي قوم لاءِ ويل آهي! اي ڪنعان، فلستين جي زمين، خداوند جو ڪلام اوهان جي برخلاف آهي؛ آءٌ توکي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


اسان ڪريتن جي ڏکڻ واري پاسي تي، ۽ يهوداہ جي سرحد تي ۽ ڪالب جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ صقلاج کي باهہ ڏيئي ساڙيوسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ