تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون.
ڪيئن نہ هو سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ خدا جي گهر ۾ گهڙي ويو، ۽ نذر جون مانيون، جنهن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ پنهنجن ساٿين کي بہ ڏنائين؟