Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 8:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هن عدوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا، بلڪ سڄي ادوم ۾؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي دائود جا تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 8:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.


شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


۽ دائود زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جو خدا ساڻس هو.


۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو.


پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود ادوم ۾ هو، ۽ يوآب سپهہ سالار، قتل ٿيلن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويو، ۽ ادوم ۾ سڀني مرد ماڻهن کي ماري چٽ ڪيائين:


۽ ادوم ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو: هڪڙو نائب بادشاهي ڪندو هو.


يهوسفط ترسيس جا جهاز سون آڻڻ لاءِ اوفير ڏانهن موڪليا: پر هو نہ ويا؛ ڇالاءِ جو جهاز عصيون جابر ۾ ڀڄي پيا.


هن لوڻ واريءَ واديءَ ۾ ادومين مان ڏهہ هزار ڪُٺا، ۽ جنگ ڪري سلع ورتائين، ۽ انهيءَ جو نالو يقتيل رکيائين، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


۽ خداوند هن سان هو؛ جنهن پاسي هو ويندو هو انهيءَ پاسي هو فتحياب ٿيندو هو: ۽ هو اسور جي بادشاهہ کان باغي ٿيو ۽ هن جي تابعداري نہ ڪيائين.


۽ هن ادوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.


اي خدا تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، تو اسان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي؛ تون ناراض ٿيو آهين؛ تون وري اسان کي بحال ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ