Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 8:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن توغي پنهنجي پٽ يورام کي بادشاهہ دائود ڏي موڪليو تہ کيس سلام دعا ڪري، ڇالاءِ جو هو هدد عزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين: ڇالاءِ جو هدد عزر توغيءَ سان جنگيون ڪيون هيون. ۽ يورام پاڻ سان چانديءَ جا باسڻ، ۽ سون جا باسڻ، ۽ پتل جا باسڻ آندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ چانديءَ، سون ۽ پتل جا ٿانوَ آندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 8:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سندن خير عافيت پڇي ۽ چيائين تہ اوهان جو پيءُ، يعني اهو پير مرد جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو هو، سو چڱو ڀلو آهي، ۽ اڃا حيات آهي؟


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خدا لاءِ وقف ڪيا، جيئن هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪري وقف ڪيا هئا:


۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هدد عزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي؛


۽ تنهن کان سواءِ بادشاهہ جا نوڪر اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ دائود کي دعا ڪرڻ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ شل تنهنجو خدا سليمان جو نالو تنهنجي نالي کان وڌائي، ۽ هن جو تخت تنهنجي تخت کان وڏو ڪري: ۽ بادشاهہ پاڻ کي هنڌ تي جهڪايو.


تڏهن هن پنهنجي پٽ هدورام کي بادشاهہ دائود ڏانهن موڪليو تہ سندس سلام ڪري، ۽ کيس دعا ڪري، ڇو جو هو هدرعزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين؛ ڇالاءِ جو هدرعزر توعو سان جنگيون ڪيون هيون؛ ۽ هدورام پاڻ سان سون، چانديءَ ۽ پتل جا هر ڪنهن قسم جا ٿانوَ آندا.


۽ گهڻن ماڻهن يروشلم جي خداوند لاءِ نذرانا، ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي لاءِ قيمتي شيون آنديون: جنهنڪري هو انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي سڀني قومن جي نظر ۾ جلال وارو ٿيو.


نڪي واٽهڙو ٿا چون، تہ خداوند جي برڪت اوهان تي هجي؛ يا اسين خداوند جي نالي اوهان کي برڪت ٿا ڏيون.


انهي وقت بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلدان بن بلدان، حزقياہ ڏانهن تحفو ۽ ڪي خط موڪليا: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو بيمار هو، ۽ هاڻي ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو آهي.


۽ جڏهن هو اُها سوختني قرباني چاڙهي رهيو، تہ اوچتو سموئيل اچي نڪتو؛ ۽ سائول هن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري ويو، تہ هن کي سلام ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ