Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 8:1 - Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ دائود مکيہ شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان ڪڍي ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪجھہ عرصي کان پوءِ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو ۽ گاديءَ واري شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان کسي ورتائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 8:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سڀ اسرائيلي پنهنجن پنهنجن تنبن ڏي ڀڄي ويا هئا. ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ تڪرار ٿي پيو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ بادشاهہ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايو آهي، ۽ اسان کي فلستين جي هٿان بچايو آهي؛ پر هاڻي هو ابي سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو آهي.


پر يوآب ۽ ابي شئي، ابنير جي پٺيان پيا: ۽ جڏهن هو امہ جي ٽڪر وٽ آيا، جو جبعون جي بيابان جي رستي تي جياح جي اڳيان آهي، تڏهن سج لهي ويو.


تو مون کي منهنجي قوم جي جهيڙن جهڳڙن کان بہ بچايو؛ تو مون کي قوم جو مهندار ٿيڻ لاءِ سنڀاليو آهي: جنهن قوم کي آءٌ سڃاڻندو ئي نہ هوس سا منهنجي خدمت چاڪري ڪندي.


۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ چڙهي ويا، ۽ دائود اهو ٻڌي قلعي ۾ لهي ويو.


۽ دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنس؛ ۽ جبع کان وٺي جزر ۾ پهچڻ تائين فلستين کي ماريندو رهيو.


۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


تو مون کي ماڻهن جي جهيڙن کان ڇڏايو آهي؛ تو مون کي قومن جو سردار ڪيو آهي. جنهن قوم کان آءٌ ناواقف هوس سا منهنجي خدمت ڪندي.


تو زمين کي ڏڪائي ڇڏيو آهي؛ تو اُنهيءَ کي چيري ڇڏيو آهي: تون انهيءَ جون چيرون بند ڪر ڇو جو اُها لڏي ٿي.


موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانو آهي؛ ۽ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: اي فلستين، تون منهنجي ڪري خوشيءَ سان للڪار.


جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،


باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:


انهي طرح فلستي جيتجي ويا، ۽ وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا: ۽ سموئيل جي سڀني ڏينهن ۾ خداوند جو هٿ فلستين جي برخلاف هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ