Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 7:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان، پر هڪڙي تنبوءَ ۽ خيمي ۾ گذر پئي ڪيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گھر ۾ ڪين رهيو آهيان، بلڪ مختلف هنڌن تي خيمي واري مقدس جاءِ ۾ رهيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 7:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اورياہ دائود کي چيو تہ صندوق، ۽ اسرائيل، ۽ يهوداہ، تنبن ۾ ٿا رهن؛ ۽ منهنجو ڌڻي يوآب ۽ منهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر کليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا آهن؛ تڏهن آءٌ پنهنجي گهر وڃي کاوان ۽ پيئان، ۽ پنهنجيءَ زال سان سمهان ڇا؟ تنهنجي سر جو، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس.


جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون ڪوبہ اهڙو شهر چونڊي نہ ڪڍيو جنهن ۾ ڪو گهر جوڙيان تہ منهنجو نالو اُتي رهي؛ پر مون دائود کي چونڊي ڪڍيو تہ منهنجي قوم اسرائيل تي رهي.


اسان جي ابن ڏاڏن وٽ رڻ پٽ ۾ شاهديءَ جو تنبو هو، جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڪلام ڪرڻ واري حڪم ڏنو هو، تہ جيڪو نمونو تو ڏٺو آهي، تنهن جهڙو ٺاهہ.


۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي بچائڻ لاءِ، ۽ تنهنجي دشمن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ، تنهنجيءَ ڇانوڻيءَ ۾ پيو گهمي؛ تنهنڪري تون پنهنجيءَ منزلگاهہ کي پاڪ رکج: متان هو تو ۾ گندگي ڏسي، ۽ توکان منهن ڦيرائي هليو وڃي.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


افسس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن شمعدانن جي وچ ۾ ٿو هلي، سو چوي ٿو تہ


۽ بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، (ڇالاءِ جو خداوند جي عهدنامي جي صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي هئي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ