2.سموئيل 7:27 - Sindhi Bible27 ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ چيو تہ آءٌ، تنهنجي لاءِ گهر جوڙيندس: تنهنڪري تنهنجي ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ توکان هيءَ دعا گهري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible27 اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو ئي تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو آهي تہ تون منهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهي گھراڻو قائم ڪندين. اهو ئي سبب آهي جو تنهنجي هن ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ تو کان هيءَ دعا گھري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان سو جيڪڏهن تون مڃيندين، ۽ منهنجن رستن تي هلندين، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ برابر آهي سو ڪندين، ۽ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود ڪندو هو، تہ آءٌ توسان هوندس، ۽ تنهنجي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس، جيئن دائود جي لاءِ جوڙيو هوم، ۽ اسرائيل تنهنجي حوالي ڪندس.
۽ مون خيال ڪيو تہ اُها ڳالهہ توکي ظاهر ڪري ٻڌايان، ۽ چوان تہ هي جيڪي ويٺا آهن تن جي روبرو، ۽ منهنجي قوم جي بزرگن جي روبرو اُها خريد ڪر. جيڪڏهن تون اُها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گهرين تہ ڇڏاءِ: پر جي اُها ڇڏائڻ نہ گهرين تہ مون کي ٻڌاءِ تہ مون کي معلوم ٿئي: ڇالاءِ جو توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ انهي جي وري خريد ڪرڻ وارو ڪونهي، ۽ آءٌ توکان پوءِ آهيان. ۽ هن چيو تہ آءٌ اُها وٺندس.