Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 7:26 - Sindhi Bible

26 ڀلي تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، ۽ ماڻهو چون تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، جو ماڻهو چون تہ ’خداوند قادرِمطلق، بني اسرائيل جو خدا آهي.‘ انهيءَ سان گڏ تنهنجي هن ٻانهي مون دائود جو گھراڻو تنهنجي حضور ۾ قائم دائم رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 7:26
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرهام خدا کي چيو تہ شل اسماعيل تنهنجي حضور ۾ جيئرو رهي!


۽ هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڪر.


۽ شام جي قرباني چاڙهڻ وقت هيئن ٿيو تہ ايلياہ نبيءَ ويجهو اچي چيو تہ اي خداوند، ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، اڄوڪي ڏينهن ڄاڻاءِ تہ تون اسرائيل ۾ خدا آهين، ۽ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان، ۽ هي جيڪو ڪم ڪيو اٿم سو سڀ تنهنجي حڪم پٺيان آهي.


اي خداوند، منهنجي ٻڌ، منهنجي ٻڌ، تہ هي ماڻهو ڄاڻن تہ اي خداوند تون خدا آهين، ۽ تو هنن جي دل وري ڦيرائي آهي.


اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.


هو هميشہ تائين خدا جي حضور ۾ قائم رهندو: تون پنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائيءَ کي هن جي حفاظت لاءِ تيار ڪر.


هن جو نسل هميشہ تائين قائم هوندو، ۽ سندس تخت سج وانگي منهنجي اڳيان رهندو.


تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي،


اي بابا، پنهنجي نالي کي جلال ڏي. تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ مون جلال ڏنو اٿس، ۽ وري بہ ڏيندوسانس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ