Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 7:25 - Sindhi Bible

25 ۽ هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 هاڻي اي خداوند خدا! جيڪو واعدو تو هن پنهنجي ٻانهي ۽ سندس گھراڻي جي باري ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر ۽ جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي ڪر،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 7:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو چيو تہ آءٌ ضرور توسان ڀلائي ڪندس، ۽ تنهنجو اولاد وڌائي سمنڊ جي واريءَ جيترو ڪندس، جنهن کي ڳڻي نٿو سگهجي.


تو پنهنجي لاءِ پنهنجي قوم اسرائيل کي قائم ڪيو تہ اها هميشہ جي لاءِ تنهنجي قوم ٿئي؛ ۽ تون، اي خداوند انهن جو خدا ٿين.


ڀلي تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، ۽ ماڻهو چون تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم ٿيندو.


۽ خداوند منهنجي نسبت ۾ جيڪو ڪلام ڪيو آهي سو قائم ڪري، جو چيو اٿس تہ جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري پنهنجي ساريءَ دل ۽ پنهنجي ساري روح سان سچ جي رستي منهنجي اڳيان هلندو، تہ ڪڏهن بہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهو جي ڪمي نہ ٿيندي.


تنهنڪري هاڻي، اي اسرائيل جا خدا، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ڀلي تنهنجو ڪلام، جو تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو هو، سو پورو ٿئي.


تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو، سو ڀلي تہ سچو ٿئي.


تون پنهنجي بندي جي واسطي پنهنجو ڪلام قائم ڪر، جنهن مان تنهنجو ڊپ پيدا ٿو ٿئي.


ز جيڪو ڪلام تو پنهنجي بندي سان ڪيو آهي، انهي کي ياد ڪر، ڇالاءِ جو تو مون کي اميد ڏني آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهن کان سواءِ اسرائيل جي گهراڻي وارا مون کي عرض ڪندا تہ آءٌ سندن لاءِ ائين ڪريان؛ آءٌ هنن کي ماڻهن سان ڌڻ وانگر وڌائيندس.


۽ سندس مڙس القانہ چيس تہ جيئن توکي مناسب نظر اچي تيئن ڪر؛ ڀلي تيستائين ترس جيستائين تون هن جو کير نہ ڇڏائين؛ رڳو خداوند پنهنجو سخن سچو ڪري. انهي طرح اُها زال ترسي پيئي ۽ پنهنجي پٽ کي کير پياريندي رهي، جيسين ڪ انهي جو کير نہ ڇڏايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ