Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 7:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ ديال جي ڪاٺين مان جُڙيل محل ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 7:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اورياہ دائود کي چيو تہ صندوق، ۽ اسرائيل، ۽ يهوداہ، تنبن ۾ ٿا رهن؛ ۽ منهنجو ڌڻي يوآب ۽ منهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر کليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا آهن؛ تڏهن آءٌ پنهنجي گهر وڃي کاوان ۽ پيئان، ۽ پنهنجيءَ زال سان سمهان ڇا؟ تنهنجي سر جو، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس.


۽ خداوند ناتن کي دائود ڏي موڪليو. ۽ اهو هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو هئا؛ هڪڙو شاهوڪار ۽ ٻيو غريب.


۽ صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ سرو جا وڻ، ۽ واڍا، ۽ رازا بہ موڪليائين: ۽ انهن دائود جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو.


۽ هنن خداوند جي صندوق اندر آڻي جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکي: پوءِ دائود خداوند جي اڳيان سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.


انهن سڀني ڳالهين موجب، ۽ انهيءَ ساري رويا موجب، ناتن دائود سان ڳالهايو.


۽ ڏس، اڃا هن بادشاهہ سان پئي ڳالهايو تہ ناتن نبي اندر گهڙي آيو.


پر صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ناتن نبي، ۽ سمعي، ۽ ريعي، ۽ جيڪي دائود جا بهادر مرد هئا، سي ادونياہ سان شامل نہ ٿيا.


۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛


هاڻي منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ هو تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙي.


۽ حيرام، صور جي بادشاهہ، دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ ديودار جا وڻ، ۽ رازا، ۽ واڍا بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙين.


۽ هنن خدا جي صندوق اندر آڻي، جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ رکي: ۽ هنن خدا جي اڳيان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيون.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان.


هاڻي دائود بادشاهہ جا ڪم، شروع کان وٺي آخر تائين، ڏس، سڀيئي سموئيل غيب دان جي تواريخ ۾، ۽ ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ جاد غيب دان جي تواريخ ۾؛


پر دائود خدا جي صندوق قريت يعريم مان انهيءَ جاءِ تي کڻي آيو هو، جا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪئي هئي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو تنبو هنيو هو.


۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.


هاڻي سليمان جا باقي ٻيا ڪم، پهريان توڙي پويان، ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ اخياہ سيلاني جي نبوت ۾، ۽ عيدو غيب دان جيڪي رويا يربعام بن نباط جي نسبت ۾ ڏٺا، تن ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟


تہ ڪيئن هن خداوند جو قسم کنيو، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ مڃتا مڃيائين:


جيسين ڪہ خداوند جي واسطي ڪو مڪان، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ ڪو خيمو نہ ملندو.


پوءِ صندوق خيمي ۾ کڻي آيو، ۽ پردو وجهي شاهديءَ جي صندوق ڍڪي ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟


اتي سندس شاگردن کي ياد آيو، تہ لکيل آهي تہ تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويندي.


دائود خدا وٽ قبول پيو، ۽ هن عرض ڪيو تہ يعقوب جي خدا جي لاءِ ڪا جاءِ تيار ڪرڻ جي اجازت مليم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ