Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 7:16 - Sindhi Bible

16 ۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنجو گھر ۽ تنهنجي بادشاهت هميشہ منهنجي نظر هيٺ رهندي ۽ تنهنجو تخت هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو ويندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 7:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي: ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي هميشہ محبت جهڙي مهرباني ڏيکاري ٿو، يعني دائود کي ۽ سندس اولاد کي.


هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو، ۽ آءٌ هن جي بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.


انهن سڀني ڳالهين موجب، ۽ انهيءَ ساري رويا موجب، ناتن دائود سان ڳالهايو.


۽ خداوند منهنجي نسبت ۾ جيڪو ڪلام ڪيو آهي سو قائم ڪري، جو چيو اٿس تہ جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري پنهنجي ساريءَ دل ۽ پنهنجي ساري روح سان سچ جي رستي منهنجي اڳيان هلندو، تہ ڪڏهن بہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهو جي ڪمي نہ ٿيندي.


تہ آءٌ اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس؛ جيئن ڪ مون تنهنجي پيءُ دائود سان عهد اقرار ڪيو هو، ۽ چيو هومانس تہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي.


ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هي شهر پناهہ ڏيئي بچائيندس.


انهيءَ هوندي بہ خداوند يهوداہ کي چٽ نہ ڪيو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي ٻانهي دائود سان انجام ڪيو هو تہ توکي هميشہ تنهنجي اولاد لاءِ هڪڙو ڏيئو پيو ڏيندس.


تنهنڪري هاڻي اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو انجام تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي، سو پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي روبرو تو وٽ ماڻهو ڪونہ کٽندو؛ بشرطيڪ تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪندو، ۽ منهنجي شريعت تي هلندو، جيئن ڪ تون منهنجي اڳيان هليو آهين.


هو سچن تان پنهنجون اکيون نٿو کڻي: برابر انهن کي هميشہ لاءِ تخت تي بادشاهن سان گڏ ويهاري ٿو، ۽ هو وڏو درجو حاصل ٿا ڪن.


اي خدا تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي: صداقت جو عصو تنهنجي بادشاهيءَ جو عصو آهي.


جيسين سج ۽ چنڊ قائم رهندا، تيسين سڀني پيڙهين جا ماڻهو توکان ڊڄندا رهندا.


تہ آءٌ تنهنجي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ تنهنجو تخت پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ ٺاهيندس.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


تہ پوءِ هن شهر جي دروازن مان بادشاهہ ۽ شهزادا اندر لنگهي ايندا، ۽ دائود جي تخت تي ويهندا: ۽ هو ۽ انهن جا امير، ۽ يهوداہ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا رهاڪو، گاڏين ۽ گهوڙن تي سوار ٿي ايندا: ۽ هي شهر هميشہ لاءِ قائم رهندو.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود وٽ ڪنهن بہ ماڻهو جي کوٽ نہ ٿيندي؛


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.


۽ انهي کي حڪومت ۽ عزت ۽ بادشاهت ڏني ويئي، تہ سڀيئي ماڻهو، قومون ۽ علحدين ٻولين وارا انهي جي خدمت چاڪري ڪن: انهي جي حڪومت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ حڪومت آهي، جا فنا ٿيڻ جي ناهي، ۽ انهي جي بادشاهي اهڙي آهي جا ناس نہ ٿيندي.


۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي.


تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟


مگر فرزند جي بابت چوي ٿو تہ ”اي خدا، تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي ۽ تنهنجي بادشاهت جو عصو سچائيءَ جو عصو آهي.


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ جو گناهہ معاف ڪر: ڇالاءِ جو پڪ آهي تہ خداوند منهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندو؛ ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي خداوند جون جنگيون ٿو ڪري؛ ۽ تنهنجي ساري ڄمار جي ڏينهن ۾ توکي ڪابہ خرابي نہ رسندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ