Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 7:14 - Sindhi Bible

14 آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس، ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ هن کي ماڻهن جي لڪڻ سان، ۽ ماڻهن جي چهبڪن سان سيکت ڏيندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ کيس ائين سزا ڏيندس جيئن ڪو پيءُ پنهنجي پٽ کي سزا ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 7:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي هٿان ساري بادشاهت نہ کسيندس: پر منهنجو ٻانهو دائود، جنهن کي منهنجن حڪمن ۽ منهنجن قاعدن جي سنڀال ڪرڻ ڪري مون پسند ڪيو، تنهن جي خاطر آءٌ هن کي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهہ رکندس:


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪرڻ کان مڙندا، اوهين توڙي اوهان جو اولاد، ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا مون اوهان جي اڳيان رکيا آهن تن جي سنڀال نہ ڪندا، پر اُٽلندو وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا ۽ انهن کي سجدو ڪندا:


آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: ۽ آءٌ پنهنجي رحمت هن تان کڻي نہ ويندس جيئن مون انهيءَ تان کنئي جو توکان اڳي هو:


هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو؛ ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو، ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس؛ ۽ آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ اسرائيل تي قائم ڪندس.


۽ هن مون کي فرمايو، تہ تنهنجو پٽ سليمان، منهنجو گهر ۽ منهنجا ايوان ٺاهيندو: ڇالاءِ جو مون هن کي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو پٽ ٿئي ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس.


ڏس، سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن کي خدا تاب ٿو ڏئي: تنهنڪري قادر مطلق جي سيکت کي نہ ڌڪار.


سو آءٌ اهو حڪم ٻڌائيندس: جو خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجو پٽ آهين؛ مون اڄوڪي ڏينهن توکي پيدا ڪيو.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي بچائڻ لاءِ آءٌ تو سان آهيان، ۽ جن قومن ۾ مون توکي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو ڪندس، ۽ آءٌ توکي اصل چٽ نہ ڪندس؛ پر آءٌ توکي انصاف سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.


۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.


پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون.


۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“


۽ تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين سمجهہ، تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي سيکت ڏيندو آهي، تيئن خداوند تنهنجي خدا توکي سيکت ٿي ڏني.


ڇالاءِ جو هن ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي چيو تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين؟“ ۽ وري ”آئون هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو؟“


جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ