Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 7:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ئي ٿي رهيو ۽ خداوند سندس سڀني آس‌پاس وارن دشمنن کان کيس آرام ڏنو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 7:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ سرو جا وڻ، ۽ واڍا، ۽ رازا بہ موڪليائين: ۽ انهن دائود جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو.


۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل کي سندس مرڻ جي ڏينهن تائين اولاد ڪونہ ٿيو.


جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ توکي تنهنجن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ خداوند توکي چوي ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.


پر هاڻي خداوند منهنجي خدا مون کي هر ڪنهن پاسي کان آرام ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪو مخالف آهي ۽ نہ ڪا خرابي آهي.


تڏهن هن پنهنجي پٽ سليمان کي سڏيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائينس تہ خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هڪڙو گهر ٺاهج.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان.


تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.


۽ هن يهوداہ ۾ قلعن وارا شهر اڏيا: ڇالاءِ جو ملڪ ۾ آرام هو، ۽ انهيءَ زماني ۾ جنگ ڪانہ هئي؛ جو خداوند هن کي آرام ڏنو هو.


انهيءَ طرح يهوسفط جي بادشاهيءَ ۾ آرام ٿيو: ڇالاءِ جو هن جي خدا هن کي چوڌاري آرام بخشيو.


جيسين ڪہ خداوند جي واسطي ڪو مڪان، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ ڪو خيمو نہ ملندو.


اي خداوند، منهنجي طاقت، آءٌ توکي پيار ٿو ڪريان.


جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو.


جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، تنهن يڪدم وڃي انهن سان واپار هلايو، ۽ ٻيا پنج قنطار بہ ڪمايائين.


دائود خدا وٽ قبول پيو، ۽ هن عرض ڪيو تہ يعقوب جي خدا جي لاءِ ڪا جاءِ تيار ڪرڻ جي اجازت مليم.


۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو، جيئن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين: ۽ سندن سڀني دشمنن مان هڪڙو ماڻهو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگهيو؛ خداوند سڀني دشمنن کي سندن حوالي ڪيو.


۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن خداوند اسرائيل کي آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو، ۽ يشوع پيرسن ۽ وڏي عمر جو ٿيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ