Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:7 - Sindhi Bible

7 ۽ خداوند جي ڪاوڙ عزہ تي ڀڙڪي؛ ۽ خدا اتي ئي هن کي سندس قصور ڪري ماري وڌو، ۽ هو صندوق جي ڀرسان مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن خداوند عُزہ تي بيحد ڪاوڙيو ۽ صندوق جي انهيءَ بي‌حرمتيءَ ڪرڻ ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود رنج ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند عزہ تي ڪڙڪي پيو هو: ۽ انهيءَ ڪري هن انهيءَ هنڌ کي پرض عزہ جو نالو ڏنو، جو اڄ تائين هليو اچي.


۽ خداوند جي ڪاوڙ عزا تي اچي ڀڙڪي، ۽ هن انهيءَ کي ڌڪ هنيو، ڇالاءِ جو هن صندوق ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگهو ڪيو: ۽ هو اُتي جو اُتي خدا جي اڳيان مري ويو.


ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.


دائود چيو تہ لاوين کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي صندوق نہ کڻي: اُنهن جي لاءِ خداوند اهو حڪم مقرر ڪيو آهي تہ خدا جي صندوق کڻن، ۽ هميشہ سندس خدمت ڪندا رهن.


۽ جڏهن خيمو اڳتي هلڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي لاهين، ۽ جڏهن خيمو کوڙڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي کڙو ڪن: ۽ جيڪو ٻيو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو، سو ماريو ويندو.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.


۽ انهي کان اٽڪل ڏهہ ڏينهن پوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند نابال کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مري ويو.


۽ هن بيت شمس جي ماڻهن کي انهي ڪري ماريو جو هنن خداوند جي صندوق ۾ نهاريو، ۽ هن انهن ماڻهن مان پنجاهہ هزار ۽ ستر ماڻهو ماريا: ۽ خداوند هنن ماڻهن ۾ وڏو ڪوس وجهي انهن کي ماريو، تنهنڪري ماڻهن ۾ ماتم پئجي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ