Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:5 - Sindhi Bible

5 ۽ دائود ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، هر قسم جا ساز، جي صنوبر جي ڪاٺيءَ مان جڙيل هئا، يعني بربط، سنطور، دف، ڪَنجهيون، ۽ جانجهہ وڄائيندا خداوند جي اڳيان هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو دڦ، کنجريون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا، جوش وَ خروش سان خداوند جي حضور ۾ نچندا ۽ ڳائيندا پئي هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻي مون وٽ هڪڙو ڳائڻ وڄائڻ وارو وٺي اچو. ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُنهيءَ ڳائڻي پنهنجو ساز وڄايو تڏهن خداوند جو هٿ هن تي آيو.


۽ دائود ۽ سڀني اسرائيلين پنهنجي طاقت آهر خدا جي اڳيان ڳايو وڄايو: راڳن سان، ۽ بربطن سان، ۽ سنطورن سان، ۽ دفن سان، ۽ جهانجهن سان، ۽ قرنائن سان.


انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.


۽ هو سنطورن ۽ بربطن ۽ قرنائن سان، يروشلم ۾ خداوند جي گهر ۾ گهڙيا.


خداوند بلند آواز سان، ۽ خداوند تريءَ جي آواز سان مٿي چڙهيو آهي.


اي بادشاهہ تو اهو حڪم جاري ڪيو آهي تہ جيڪو ماڻهو شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌي، سو هيٺ جهڪي انهي سوني مورت کي سجدو ڪري:


هاڻي جي اوهين تيار آهيو تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تنهن وقت هيٺ جهڪي، جيڪا مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪريو تہ واهہ: پر جي اوهين سجدو نہ ڪندا، تہ انهي گهڙيءَ باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ اُڇلايا ويندا؛ ۽ اُهو ڪهڙو خدا آهي جو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو؟


تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو تڏهن هيٺ نمي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪجو:


تنهنڪري جڏهن سڀني ماڻهن شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ۽ قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا هيٺ جهڪي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن کي سجدو ڪرڻ لڳا.


تون پنهنجن راڳن جو هُل مون کان پري ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجين سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس.


جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛


انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:


هاڻي اسان جا سائين تنهنجا نوڪر جي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچن جو بربط وڄائڻ ۾ هوشيار هجي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اهو بدروح خداوند وٽان توتي ايندو، تڏهن اُهو پنهنجي هٿ سان بربط وڄائيندو ۽ تون چڱو ڀلو ٿيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ