Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:22 - Sindhi Bible

22 ۽ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ حقير ٿيندس، ۽ پنهنجي نظر ۾ ذليل ٿيندس: مگر ٻانهيون، ۽ جن جو تو ذڪر ڪيو آهي، تن جي نظر ۾ آءٌ عزت وارو ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 بلڪ آءٌ پاڻ کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ حقير ڪندس ۽ پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي گھٽ ڪندس. مگر جن ٻانهين جو تو ذڪر ڪيو آهي تن جي نظر ۾ آءٌ عزت وارو ٿيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن.


تڏهن دائود ميڪل کي چيو تہ اهو حال خداوند جي اڳيان هو، جنهن مون کي تنهنجي پيءُ کان ۽ سندس سڄي گهراڻي کان پسند ڪيو، ۽ خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان، بادشاهہ مقرر ڪيو: تنهنڪري آءٌ خداوند جي اڳيان ضرور نچندس ٽپندس.


۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل کي سندس مرڻ جي ڏينهن تائين اولاد ڪونہ ٿيو.


ڏس آءٌ ڪي ڪين آهيان: توکي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي ٿو رکان.


جنهن ڪري آءٌ پاڻ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ مٽيءَ ۽ رک ۾ پڇتايان ٿو.


اي خداوند منهنجي دل ۾ مغروري ڪانهي، نڪي منهنجون اکيون آسمان ۾ آهن؛ نڪي جيڪي ڳالهيون وڏيون ۽ منهنجيءَ سمجهہ کان ٻاهر آهن، تن ۾ آءٌ پاڻ کي پتوڙيان ٿو.


مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر.


۽ جڏهن پطرس هيٺ ايوان ۾ هو، تڏهن سردار ڪاهن جي نوڪرياڻين مان هڪڙي آئي؛


اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان.


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


جيڪڏهن مسيح جي نالي اوهان کي طعنا ٿا هڻن تہ اوهين مبارڪ آهيو؛ ڇالاءِ جو جلال جي روح، يعني خدا جي روح جي اوهان تي ڇانوَ آهي.


تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو، تہ مناسب وقت تي هو اوهان کي سرفراز ڪري.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ