Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:21 - Sindhi Bible

21 تڏهن دائود ميڪل کي چيو تہ اهو حال خداوند جي اڳيان هو، جنهن مون کي تنهنجي پيءُ کان ۽ سندس سڄي گهراڻي کان پسند ڪيو، ۽ خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان، بادشاهہ مقرر ڪيو: تنهنڪري آءٌ خداوند جي اڳيان ضرور نچندس ٽپندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 دائود ميڪل کي وراڻيو تہ ”منهنجو اهو حال خداوند جي آڏو هو، جنهن تنهنجي پيءُ ۽ سندس سڄي گھراڻي جي مقابلي ۾ مون کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مٿان مون کي بادشاهہ مقرر ڪيائين. تنهنڪري آءٌ خداوند جي آڏو ضرور نچندس ٽپندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.


۽ دائود خداوند جي اڳيان پنهنجي سڄي طاقت سان نچيو؛ ۽ دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو افود پيل هو.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.


۽ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ حقير ٿيندس، ۽ پنهنجي نظر ۾ ذليل ٿيندس: مگر ٻانهيون، ۽ جن جو تو ذڪر ڪيو آهي، تن جي نظر ۾ آءٌ عزت وارو ٿيندس.


۽ دائود ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، هر قسم جا ساز، جي صنوبر جي ڪاٺيءَ مان جڙيل هئا، يعني بربط، سنطور، دف، ڪَنجهيون، ۽ جانجهہ وڄائيندا خداوند جي اڳيان هليا.


تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي، تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.


۽ جڏهن اُنهي کي برطرف ڪيائين، تڏهن دائود کي سندن بادشاهہ بنايائين؛ ۽ هيءَ شاهدي ڏيئي چيائين، تہ مون کي هڪڙو ماڻهو، يسيءَ جو پٽ دائود، پنهنجي دل وٽان مليو آهي، جو سڀ ڪنهن طرح منهنجيءَ مرضيءَ تي هلندو.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي: خداوند پنهنجي لاءِ پنهنجي دل جي پسنديءَ موجب هڪڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، ۽ خداوند انهي کي پنهنجي قوم تي سردار مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪو حڪم توکي خداوند ڏنو تنهن جي تو سنڀال نہ ڪئي.


۽ سموئيل هن کي چيو تہ اڄ خداوند اسرائيل جي بادشاهي توکان ڇني ڦاڙي ورتي آهي: ۽ اُها تنهنجي هڪڙي پاڙيسريءَ کي ڏني اٿس، جو توکان چڱو آهي.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


۽ هن انهي کي گهرائي ورتو. هاڻي هو ڳاڙهي گوري رنگ جو هو، ۽ ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ شڪل ۾ خوبصورت هو. ۽ خداوند چيو تہ اُٿ، هن کي مسح ڪر: ڇالاءِ جو هو اهو ئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ