Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:20 - Sindhi Bible

20 پوءِ دائود پنهنجي گهراڻي کي برڪت ڏيڻ لاءِ موٽي آيو. ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود کي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ اڄ اسرائيل جو بادشاهہ ڪهڙو نہ جلال وارو هو جو هن پاڻ کي پنهنجن نوڪرن جي ٻانهين جي ڏسندي اُگهاڙو ڪيو، جيئن ڪ ڪميڻو ماڻهو بي شرم ٿي پاڻ کي اُگهاڙو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 انهيءَ کان پوءِ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي. تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل جي بادشاهہ اڄ ڪهڙو نہ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، جو هن پاڻ کي پنهنجي نوڪرن جي ٻانهين جي اڳيان اگھاڙو ڪيو، جيئن ڪو خسيس ماڻهو بي‌شرم ٿي پاڻ کي اگھاڙو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:20
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


۽ دائود خداوند جي اڳيان پنهنجي سڄي طاقت سان نچيو؛ ۽ دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو افود پيل هو.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.


۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن لشڪرن جي خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.


۽ هن سڄي قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، يعني مردن توڙي زالن مان هرهڪ کي هڪڙي لولي، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني. پوءِ هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.


۽ سڀ ماڻهو، هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو: ۽ دائود بہ موٽيو تہ پنهنجي خاندان کي برڪت ڏئي.


هو بي عقلن جو اولاد آهن، هائو، نيچ ماڻهن جو اولاد آهن؛ هنن کي ملڪ مان چهبڪ هڻي هڪلي ڪڍيو هئائون.


آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي تمجيد ڪندس؛ ڇالاءِ جو تو مونکي سرفراز ڪيو آهي، ۽ منهنجن دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏنو اٿيئي.


تون حد کان وڌيڪ شرير نہ ٿيءُ، نڪي بي عقل ٿيءُ: پنهنجي وقت کان اڳي مرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟


۽ جڏهن پطرس هيٺ ايوان ۾ هو، تڏهن سردار ڪاهن جي نوڪرياڻين مان هڪڙي آئي؛


۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.


انهي طرح هو شمعون پطرس وٽ آيو؛ ۽ هن چيس، تہ اي خداوند، تون ٿو منهنجا پير ڌوئين؟


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


۽ هنن بعل بريت جي گهر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آندا، جن سان ابيملڪ بيهودا ۽ خسيس ماڻهو ڀاڙي ڪيا، جي سندس پوئلڳ ٿيا.


هاڻي سائول جا پٽ يونتن، ۽ اسوي، ۽ ملڪيشوع هئا؛ ۽ هن جي ٻن ڌيئرن جا نالا هي آهن؛ پهرين ڄاول جو نالو ميرب، ۽ ننڍيءَ جو نالو ميڪل:


۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل جي دائود سان محبت هئي: هنن انهي بابت سائول کي ٻڌايو، ۽ هن کي اها ڳالهہ وڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ