2.سموئيل 6:19 - Sindhi Bible19 ۽ هن سڄي قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، يعني مردن توڙي زالن مان هرهڪ کي هڪڙي لولي، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني. پوءِ هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible19 ان بعد هن بني اسرائيل قوم جي سڄي ميڙ ۾ کاڌو ورهايو ۽ مردن توڙي عورتن مان هر هڪ کي هڪ ماني، گوشت جو هڪڙو ٽڪر ۽ ڪشمش جي هڪ هڪ ٽڪي ڏني. پوءِ هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ پوءِ اهو انهي حاڪم جو فرض ٿيندو تہ سوختني قربانيون کاڌي جون قربانيون ۽ پيئڻ واريون قربانيون، عيدن تي، ۽ نوَن چنڊن تي، ۽ سبتن تي، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي مقرر ڪيل سڳورن ڏينهن تي ڏئي: هو گناهہ جي قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڪفارو ٿئي.