Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:15 - Sindhi Bible

15 انهيءَ طرح دائود ۽ اسرائيل جي ساري گهراڻي خداوند جي صندوق نعرن هڻندي، ۽ قرنائيون وڄائيندي کڻي آندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اهڙيءَ طرح دائود ۽ سڄي بني اسرائيل جي ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هڻندي ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي صندوق آندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود خداوند جي اڳيان پنهنجي سڄي طاقت سان نچيو؛ ۽ دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو افود پيل هو.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.


۽ دائود لاوين جي سردارن کي چيو تہ پنهنجن ڀائرن مان ڳائڻا مقرر ڪريو، تہ ساز، تنبورا، بربط ۽ جهانجهہ وڄائي، بلند آواز سان خوشيون ڪن.


انهيءَ طرح دائود، ۽ اسرائيل جا بزرگ، ۽ هزارن جا سردار خوشيءَ سان عوبيد ادوم جي گهر مان خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ لاءِ ويا:


انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.


آءٌ هن جي دشمنن کي شرم جي پوشاڪ ڍڪائيندس: پر هن تي سندس تاج رونق افروز ٿيندو.


ڀلي تہ مقدس جلال جي ڪري خوش ٿين: ۽ هو پنهنجن هنڌن تي خوشيءَ جا گيت ڳائين.


تريءَ جي آواز سان سندس تعريف ڪريو: تنبوري ۽ بربط سان سندس تعريف ڪريو.


اي سڀ قومون تاڙيون وڄايو، فتح جي آواز سان خدا لاءِ خوشي ڪريو.


۽ جڏهن اُهي اندر وڃن، تڏهن بادشاهہ بہ انهن جي وچ ۾ وڃي؛ ۽ جڏهن هو ٻاهر نڪري وڃن، تڏهن بہ هو گڏ نڪري وڃن.


تہ بہ آءٌ خداوند جي ڪري خوشي ڪندس، آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي ڪري سرهو ٿيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ